اوٻاوڙي ۾ صحافين تي تشدد ۽ ڏهرڪي پوليس خلاف احتجاج

اوٻاوڙو  (ن ع آ)اوٻاوڙي ٻه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او ڏھرڪي ايوان صحافت پريس ڪلب ڏھرڪي جي ميمبر محمد علي ملڪ کي بنا  جواز گرفتار ڪري ٿاڻي تي قيد ڪرڻ خلاف ايوان صحافت پريس ڪلب ڏھرڪي جي صحافين طرفان ڏھرڪي ٿاڻي جي گيٽ اڳيان پر امن احتجاج ڪيو جتي ايس ايڇ او ڏھرڪي صحافين مٿان ڪڙڪي پيو صحافين تي لاٺي چارج ڪري ايوان صحافت پريس ڪلب جي ستن ميمبرن کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايڇ او ڏھرڪي جي اھڙي ڏاڍ خلاف اوٻاوڙو جي صحافين جواقبال انجم ملڪ عزيزالله ملڪ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو جيڪي مين چوڪ کان تعلقي پريس ڪلب پھچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا.  ان موقعي تي عبدالواحد ملڪ، اقبال انجم، عزيزالله ملڪ، اميربخش سومرو، قابل تبسم رند، محمد عمران ملڪ، عبدالحئي ڇڄڻ ۽ ٻين صحافين چيو ته بدمست ايس ايڇ او صحافين جي پرامن احتجاج تي ڌاڙيلن جيئان ڪڙڪي پيو صحافين تي لاٺي چارج ڪري زخمي ڪري ڇڏيو ۽ قلم ڌڻين کي جھڪائڻ لاءِ کين  ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا اسين انھي جابر ايس ايڇ او کي ٻڌايون ٿا ته تون اھڙا سئو حملا ڪر مگر اسان کي حق سچ لکڻ کان نه روڪي سگھين اسين ڪنڌ ڪپائڻ سکيا آھيون ڪنڌ جھڪائڻ نه سکيا آھيون  افسوف آھي ته چويھ ڪلاڪ گذرڻ باوجود ايس ايس پي گھوٽڪي ڏھرڪي جي ايس ايڇ او صدوري لاشاري خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي اسين ڊي آء جي سکر آء جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته صحافت تي وار ڪندڙ ايس ايڇ او صدرو لاشاري خلاف سخت ڪاروائي ڪري صحافين ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي جيڪڏھن بدمست ايس ايڇ او خلاف سخت ڪاروائي ڪري ان ھٽايو نه ويو ته ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻداسون.  جيڪو ايس ايڇ او صدورو لاشاري جي معطلي تائين جاري رکيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.