پي ايس 52 تي پ پ ڪامياب ٿيندي: امير علي شاهه

ڇور( ن ع آ )  پ پ جي پي اس 52  جي اميدوار سيد امير علي شاھ جا ڇور ۽ نيوڇور جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ۽ سڻوھي ۾  استاد پيرڏان سنگھ جي اوطاق تي گڏ تي عوامي ميڙاڪو کي خطاب ڪندي امير علي شاھ چيو تي پپليز پارٽي غريب مسڪين عوام جي پارٽي آھي جنھن ڪري ماڻھو وڏي محبت ڏئي رھيا آھن منھنجي بابا سائين جي ڇڏيل واٽ تي ھلندي ھتان جي عوام جي مڪمل خدمت ڪندس ھنڌو برداري جو اسان جو عمرڪوٽ ضلع ۾ ساٿ ڏنو ھن جو ڪو مثال ن آھي تنھن ڪري ھن جو ڀرپور ساٿ ڏنو ويندو.  ان موقعي تي ٿرپارڪر ضلع جي آگوڻي وائيس چيئرمين ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو چيو ت پ پ پ واحد پارٽي جنھن جو مڪمل سياسي منصور آھي تنھن ڪري عوام پارٽي سان پيار ڪري 18 ,تاريخ تي امير علي وڏي اڪثريت سان توھان جي ساٿ سان ڪاميابي حاصل ڪندو راڻا صاحب جي خاندان ۽ شاھ جي خاندان جو پاڻ ۾ صرف سياسي واسطو ن آھي پر گھر ڀاتين جيڙو واسطو آھي ميڙاڪي کي نکت سنگھ سوڍو . لعل محمد سميجو . جگت ڏاڻ چارڻ , چاڪر خان . نظر محمد آريسر . جوڌ سنگھ . دلپت سنگھ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏھن تي عوام پاران مختلف ھنڌن تي ڀرپور آجيان ڪئي گلن جي ورکا ڪئي ۽ اجرکن جا تعفا ڏنا ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.