راڻيپور لڳ گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

راڻيپور ( ن ع آ )  درازا شريف ڀرسان ڳوٺ عبدالمجيد چانڊيو ۾  بيدل ملاح نثار ملاح، ادل ملاح ۽  مرحوم رفيق ملاح جي گهرن کي باھ وڪوڙي وئي باھ لڳڻ سبب گھرن ۾ رکيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو هڪ پورهيت بيدل ملاح جي نياڻي جو ڏاج  پڻ باھ ۾ سڙي رک ٿي ويو باھ متاثرين ٻڌايو تہ اسان غريب مسڪين ماڻھو آھيون اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي  جڏهن ته اطلاع باوجود چار ڪلاڪن بعد فائربرگيڊ جي گاڏي واقعي واري ھنڌ پھتي جڏھن ته پاڙي وارن پنھنجي مدد پاڻ باھ تي ڪنٽرول ڪري ورتو باھ متاثر سخت سردي ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.

فيض گنج جي مختلف شهرن ۾ عام شهرين کان ٺڳي ڪندڙ گرفتار

پڪا چانگ ( ن ع آ ) فيض گنج تعلقي ۾ موبائيل اسڪيمن جي نالي ۾ عام شھرين کان ٺڳي ڪندڙ نوسر باز سرگرم ٿي ويا  آھن، تعلقي جي مختلف شھرن پڪاچانگ، ڀنگوبھڻ، ڪرونڊي سميت ڳوٺن ۾ پڻ اھي ماڻھن کي وڏن انعامن جي لالچ ڏئي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ لڳا پڪاچانگ شھر ۾ شھرين جي اھڙي شڪايت تي صحافين جي اطلاع تي  ماڻھن کي لٽيندڙ ٺڳ پوليس سوگھا ڪري ورتا آھن، ٻئي پاسي معلوم ٿيو آھي ته اھڙا نوسر باز گھرن ۾ ٺڳ عورتن کي موڪلي چوريون پڻ ڪن ٿا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.