وزيراعظم عمران خان جون کل جوڳيون تقريرون

زرار پيرزادو

¨ وزيراعظم عمران خان جي بيانن ۽ تقريرن کي جيڏو اڄ مذاق بڻايو پيو وڃي تهڙو شايد ئي ان کان اڳ ڪنهن ملڪي سربراهه جو بڻايو ويو هجي.

¨ عمران خان اقتدار کان اڳ مخالف سياسي اڳواڻ طور جيڪي تقريرون ڪيون هيون سي ٻڌجن ٿيون ته ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ عمران خان جي جماعت لاءِ  حڪومت ڪرڻ ڪو مسئلو ئي نه هوندو، ملڪ اندر وڏي تبديلي اچي ويندي.

¨ هاڻي جڏهن عمران خان جي حڪومت کي اڍائي سالن کان مٿي وقت ٿي ويو آهي ته اهو تاريخ جي رڪارڊ تي لکڻ گهرجي ته هو اڄ ناڪام ترين حڪمران نظر اچي رهيوآهي، هر گذرندڙ ڏينهن سان هو ڪمزور ئي ٿي رهيو آهي ۽ عوامي حمايت ڏينهون ڏينهن وڃائي رهيو آهي.

¨ هاڻي وزيراعظم عمران خان پاڻ ئي پنهنجي چئي کي رد ڪرڻ لڳو آهي جنهن تي ماڻهو کلي کلي کيرا ٿي رهيا آهن.

¨ هاڻي ته نون نڪور نوجوانن، جن جو آئيڊل عمران خان هو سي به فيس بڪ ۽ ٽڪ ٽاڪ ذريعي وزيراعظم جي تقريرن جي نقل ڪندي مٿس ڀوڳ ٺڪاوَ رڪارڊ ڪرائي رهياآهن.

¨ وري جيڪي کل جوڳا بيان ڏئي رهيوآهي تن تان ڦرڻ ۾به دير نٿو ڪري ۽ چئي ٿوته اصل ۾ منهنجو مقصد اهو نه پر ٻيو هو، ڄاڻي واڻي ان جو مفهوم مٽايو وڃي ٿو.

¨ اهڙن کل جوڳن بيانن ۾ ويجهڙ ڏينهن ۾ سندس هڪ گفتو هو ته حڪومت کي پهرين ٽن مهينن ۾ ته ڪا خبر ئي نه پئي پوي ته ملڪ جي اندروني صورتحال ڇا آهي تنهن ڪري آمريڪا وانگر نئين چونڊيل حڪمران کي پهريان ٽي مهينا تياري جا ڏنا وڃن، اسان بنان تياري جي حڪومت ڪئي.

¨ جڏهن ته ميڊيا وارن سندس پراڻيون تقريرون ٽيليڪاسٽ ڪري ٻڌايون ته جڏهن اهو سوال عمران خان کان ميڊيا وارا ڪندا هيا ته خان صاحب! توهان نوي ڏينهن اندر ڪيئن تبديلي آڻيندئو ته تڏهن چوندو هو ته اسان تياري سان اچي رهيا آهيون.

¨ وري جڏهن هزاره برادري وارن ڌرڻي ۾ مطالبو رکيو ته اسان تيستائين لاش دفن نه ڪنداسين جيستائين وزيراعظم پاڻ ڪهي نه ايندو ته عمران خان ان مطالبي کي ”بليڪ ميلنگ“ ڄاڻايو هو جنهن تي مٿس تمام گهڻو افسوس جو به اظهار ڪيو ويو ته تمام گهڻي تنقيد به ڪئي وئي پوءِ وري ڦرندي ڪمزور دليل ڏنائين ته اصل ۾ بليڪ ميلنگ جو لفظ مون پي ڊي ايم جي اڳواڻن لاءِ استعمال ڪيو هو.

¨ موجوده صورتحال ٻڌائي ٿي ته عمران خان واقعي به سکڻيون تقريرون ئي پئي ڪيون هيون، چوڻ وارا تڏهن ئي کائنس سامهون پڇندا هيا ته اوهان جيڪي تبديلي جون ڳالهيون ڪيون ٿا تنهن جو اوهان وٽ نه ڪو روڊ ميپ آهي نه ئي ڪا غير معمولي ٽيم آهي.

¨ سو لڳي ٿو ته وزيراعظم عمران خان جا آخري اڍائي سال به غلطين ۽ اعترافن ۾ ئي پورا ٿي ويندا.

¨ پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ٻيا حڪومتي معاملا ته ڇڏيو پاڪستان جي ڪرڪيٽ به ڪرڪيٽر وزيراعظم عمران خان جي دور ۾ تباهي ۽ بربادي جو شڪار آهي ۽ ان جي رينڪنگ هر فارميٽ ۾ تيزي سان ڪري رهي آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.