بليڪ ميلنگ جو طعنو ۽ اڻ جوابيل سوال

خورشيد نديم

جنوري 2013ع  جي هڪ سرد رات هُئي جڏهن هزاره قبيلي جي فردن جا 86- لاش بي ڪفنا ٿيا پيا هيا ۽ ان وقت عمران خان تنهن وقت جي حڪومت آڏو هڪ سوال رکيو هو، پر سوال اڃان تائين باقي آهي، هيلوڪي جنوريءَ جي سرد راتين ۾ هزاره قبيلي جا هزارين مرد عورتون ٻڍا ۽ ٻار 11- لاشن سان گڏ ويٺا هيا، پر اڄ اهو ئي وزير اعظم جيڪو 2013ع ۾ ان وقت جي حڪومت لاءِ ڪيئي سوال اٿاريا هيا، ان انهن کي هزاره قبيلي جي ماڻهن کي رڳو ان ڪري بليڪ ميلر چيو جو هو کيس اپيل ڪري رهيا هيا ته هو ڪوئيٽا اچي اسان جي غم ۾ شريڪ ٿئي. اهڙي صورتحال ۾ هزاره قبيلي جي ماڻهن کي يقينن پنهنجي سوال جو جواب ملي ويو هوندو ته ” رياست ڪٿي آهي…؟“.

رياست جو جواز ئي تڏهن ٿو پيدا ٿئي ته رياست پنهنجي شهرين جو تحفظ ڪري، نه ته رياست جي هجڻ يا نه هجڻ جو ڪو جواز ئي پيدا نه ٿو ٿئي، معاشري ۾ فرد پنهنجي ڳچيءَ ۾ قانون جي بالادستيءَ جو طوق رڳو ان ڪري ئي وڌو آهي ته جيئن سندن جون زندگيون محفوظ رهن، جيڪڏهن رياست پنهنجيون ذميواريون پوريون نه ٿي ڪري ته پوءِ فرد لاءِ رياست جو وجود بي معنى ٿي وڃي ٿو ۽ فرد لاءِ رياست جي اطاعت پڻ هڪ سوال بڻجي وڃي ٿي.

رياست جي اطاعت مشرط ٿيندي آهي، يعني فرد ۽ رياست ٻنهي تي فرض هوندو آهي ته هڪ ٻئي جي اطاعت ڪن ۽ هڪ ٻئي طرف پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪن پر جي هڪ ڌر پنهنجيون ذميواريون پوريون نه ٿي ڪري ته پوءِ ٻئي ڌر تي پڻ اها ذميواري نه ٿي رهي ته اها به پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪري. رياست ۽ فرد ٻنهي مان فرد ڪمزور ۽ رياست طاقت ور هوندي آهي، جيڪڏهن رياست فرد طرف پنهنجيون ذ۾يواريون پوريون نه ٿي ڪري ته فرد کي اهو توازن نه هوندو آهي ته رياست کي ان ڳالهه تي مجبور ڪري ته رياست سندس ڳالهه مڃي، رياست جيڪڏهن فرد کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪري ٿي ته اهڙي صورتحال ۾ فرد بي وس ۽ لاچار هوندو آهي.

تاريخ جي مطالعي مان اها ڳالهه سامهون اچي ٿر ته فرد طرف رياست جي لاتعلق گهڻو دير قائم رهي نه ٿي سگهي جيڪڏهن رياست فرد يا معاشري طرف پنهنجي لاتعلقي گهڻي دير تائين قائمم رکي ته سمورو معاشري ۽ فرد جي وجودم ۾ رياست لاءِ پڻ بيگانگيءَ ۽ بيزاريءَ جا جذبا پيدا ٿين ٿا. جمهوري معاشري ۾ عوام پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار حڪومت جي تبديليءَ جي صورت ۾ ڪندو آهي ۽ سندس جو وڏي ۾ وڏو مطالبو حڪومت جي تبديلي هوندو آهي پر جي حڪومت عوام جي غم ۽ غصي جي چوٽ چڙهي وڃڻ بعد به ختم نه ٿئي ته پوءِ عوام جي غم ۽ غصي جو نشانو حڪومت بجاءِ رياست بڻجي ويندي آهي، اهڙي صورت حال ۾ پوءِ عوام حڪومت جي تبديليءَ کي ڪافي نه ٿو سمجهجي ۽ اهڙي صورتحال ۾ هو سڌو سنئون رياست کي مخاطب ٿئي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ رياست جا ادارا نشانو بڻجندا آهن.

وزيراعظم حڪومت جي علامت هوندو آهي، مچ سانحي جي حوالي سان هزاره برادريءَ ڄڻ ته ساڻس رعايت ڪئي آهي جو اڳ انهن جا مطالبا رياست کان هوندا هيا، ۽ هاڻي انهن اهي مطالبا عمران خان کان ڪيا جنهن پڻ انهن جي مطالبن کي مڃتا ڏيڻ واري موقعي کي وڃائي ڇڏيو ۽ مٿن واضع ڪيو ته هو بليڪ ميلر آهن.

خان صاحب هزاره برادريءَ جي هڪ اهم مطالبي کي ترت مان ڇو نه ڏنو هو. اها ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ اچڻ جهڙي نه آهي، هڪ موقعي ته وزيراعظم جو ڪوئيٽا نه اچڻ جو عذر سيڪيورٽي جو مسئلو ڄاڻايو ويو، جيڪڏهن وزيراعظم جي اهڙي سوال جو جائزو وٺجي ته ان مان پڻ رياست جي ڪمزوري سامهون اچي وڃي ٿي جنهن جو مقصد رڳو اهو ئي آهي ته رياست پنهنجي کي وزيراعظ۾ کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ تحفظ مهيا نه ٿي ڪري سگهي، جيڪا ڳالهه ڪجهه ٻين سوالن کي جنم ڏئي ٿي.

پوءِ ڇا عمران خان جو ترت ڪوئيٽا نه وڃڻ جي پويان ڪا روحاني رمز آهي؟، ڇا کيس اهو وهم ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن هو لاشن جي ويجهو ويندو ته اهو سندس لاءِ ڪو سٺو سنوڻ نه ٿيندو، جيڪڏهن ان ڳالهه کي کڻي مڃي به وٺجي ته اهڙي صورت ۾ اها ڳالهه آڏو اچي ٿي ته ڇا وزيراعظم وهمن ۽ وسون ۾ ويساهه رکي ٿو، اها ڳالهه وزيراعظم جي حوالي سان مڃڻ مشڪل آهي جو هو آڪسفورڊ جو پڙهيل آهي.

ڇا، وزيراعظم جو ڪوئيٽا نه وڃڻ جي پويان ان جي انا جو هجڻ هو، ڪوئيٽا وڃڻ سان ڇا وزيراعظم جي انا کي ڪو نقصان ٿئي پئي سگهيو، ڪنهن مظلوم جي مٿي تي رکڻ سان سندس انا کي ڪهڙي نموني ڌچڪو پئي لڳو، ڇا هو ڪوئيٽا ان ڪري نه پئي ويو ته ان کان اهڙو مطالبو مريم نواز ۽ بلاول ڀٽُو زرداريءَ پڻ ڪيو هو. ڇا ملڪ جي وزيراعظم کي اهڙي پس منظر ۾ سوچڻ گهرجي، وزيراعظم جو منصب اهڙي ڪنهن به سوچ کان مٿي هوندو آهي، ڪوئيٽا نه وڃڻ مان نه ٿو سمجهان ته ڪو سندس لاءِ انا جو مسئلو ٿي سگهي ٿو.

هزاره برادريءَ جو اهڙو مطالبو ته هو ڪوئيٽا اچي اسان کي تحفظ جو احساس ڏياري بليڪ ميلنگ ڪيئن ٿئي ٿو. جيڪڏهن هو چون ٿا ته وزيراعظم اچي اسان جي ڏک ۾ شريڪ ٿئي ته انهن جو اهڙو اظهار بليڪ ميلنگ ڪيئن ٿئي ٿو، اهڙن واقعن ۾ عوام وٽ وڃڻ جو مقصد اهو ئي آهي ته وزيراعظم عوام کي يقين ڏياري  پئي سگهيو ته رياست اوهان مظلومن سان آهي ظالمن سان نه . وزيراعظم جي ڪوئيٽا وڃڻ سان ڪو مارجي ويل زنده نه ٿي وڃن ها پر سندس اهڙي وقتائتي عمل سان وزيراعظم انهن کي تحفظ جو يقين ڏياري پئي سگهيو.

حقيقت حال اها آهي ته وزيراعظم جي اختيار ڪيل اهڙي موقف جو ڪوبه سياسي، سماجي ۽ اخلاقي دليل نه آهي، هُن اهڙُ عمل ڪري پنهنجي سياست کي نقصان پهچايو آهي. وزيراعظم جي اهڙي موقف جو ڪوبه ذي هوش وڪالت ڪري نه سگهيو، شبلي فراز يا شهباز گل جو مسئلو الڳ آهي. هزاره قبيلي جي ماڻهن جي مارجڻ اهو عقيدو آهي جيڪو ڪڏهن به ختم ٿي نه ٿو سگهي، بي شمار شاهدين موجب کين ماڻهن جي وڏي ميڙ مان نشانو بڻايو ويو. سوال هي آهي ته ڪوئٽا ۾ رهندڙ هڪ ننڍڙي آباديءَ کي تحفظ ڇو نه ٿو فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ان ڳالهه جي خبر آهي ته کين بار بار نشانو بڻايو پيو وڃي. بلوچستان جي صورتحال جي پيش نظر اهو سوال پڻ اڀري ٿو ته اتي حڪومت ڪنهن جي آهي ۽ آخر ڪار هزاره قبيلي کي تحفظ فراهم ڪرڻ ان حڪومت جي ذميواري ڇو نه آهي، حڪومت جي اهڙي ڪوتاهيءَ جو جواب ڪير ڏيندو.

انهن سوالن جواب اسان وٽ نه آهي، بلوچستان جي حوالي سان اها ڳالهه تمام گهڻي منجهيل آهي ته آخر ڪار اهڙن سانحن تي ماڻهو ڪنهن کي فرياد ڪن. اها رياست جي ناڪامي آهي يا وري حڪومت جي؟، جڏهن اڍائي سال اڳ خان صاحب اهڙي ئي سانحي تي سوال ڪيو هو ته هاڻي سندس حڪومت ۾ پڻ اهڙو سوال اڀري ٿو ته رياست ڪٿي آهي.؟

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.