صنعتي علائقن ۾ صفائي جو نظام بهتر بڻايو وڃي:اڪرام الله ڌاريجو

ڪراچي (رپورٽر ) صنعت، واپار، اينٽي ڪرپشن ۽ گڏيل امداد کاتي جي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو صنعتي زونن ۾ صنعتي آلودگي ۽ گندگي جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ايم ڊي سائيٽ کي هدايت ڪئي آهي ته هو سنڌ سالڊ وسٽ مئنيجمينٽ بورڊ سان گڏجي ھن مسئلي کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي ته جيئن صنعتڪارن کي ڪا ڏکيائي پيش نه اچي. هن چيو ته صنعتي زون مان صنعتي گدلاڻ ۽ ڪچرو ضايع ڪرڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن ته جئين انهن علائقن ۾ گندگي جا ڍير جمع نه ٿي سگھن. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته صنعتڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي جيستائين صنعتن جا مسئلا حل نه ٿيندا تيستائين صنعتي ترقي ممڪن ناهي. هن چيو ته صنعتي زون ۾ قائم حددخلين جي خاتمي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن .۽ هو

چيني قونصل خاني تي حملي ڪيس ۾ 5 جوابدارن تي فرد جرم

ڪراچي ( رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت  چيني قونصل خاني تي حملي واري ڪيس ۾ پابندي پيل تنظيم بي ايل اي جي 5 جوابدارن احمد حسنين، نادرخان، علي احمد، عبدالطيف ۽اسلم تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ، عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جوابدارن طرفان ڏوهه مڃڻ کان انڪارڪري ڇڏيو آهي ، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن ۽ جاچ آفيسر کي طلب ڪري ورتوآهي ، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن چيني قونصلخاني تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي هٿيار ۽ بارودي مواد مهيا ڪيو هو، ٻن جوابدارن جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف به ڪري ورتوآهي ، ڪيس ۾ روپوش 15 جوابدارن ۾ حربيار مري ۽ علي داد بُليدي شامل آهي، سندن گرفتاري لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پنجاب جو وڏو وزير ڪورونا مان صحتياب، تحريڪ مري وئي: بوزدار

لاهور(م ڊ)  پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ڪورونا مان صحتيابي کان پوءِ حڪومتي  ذميواريون سنڀالي ورتيون. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار اڄ مختلف اجلاس طلب ڪري ورتا آهن جنهن ۾ صفائي جي صورتحال بابت به اهم اجلاس گهرايو ويو آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ پنجاب جي وڏي وزير چيو ته عوام جي خدمت جي سفر کي وڌيڪ تيزي سان اڳيان وڌائينداسين. ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪابه سازش ڪامياب نه ٿيندي.هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي به افراتفري پکيڙڻ جي سياست ۾ ڪابه دلچسپي ناهي، پي ڊي ايم جي بي مقصد تحريڪ پنهنجي موت پاڻ مري چڪي آهي.

زيادتي ڪيسن ۾ سزا لاءِ درخواست جلد ٻڌڻي لاءِ منظور

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  عورتن سان زيادتي ڪيسن جي  جوابدارن کي جلد سزا ڏيارڻ بابت درخواست فوري ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪندي فارينزڪ چيئرمين، ريفارم ڪميٽي ۽ چيف ٽيڪينڪل کي 26 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي ، عدالت پڇاڻو ڪيو ته زيادتي ڪيسن جي جاچ ۽ جوابدارن کي جلد سزا ڏيارڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن؟، پوليس سرجن ٻڌايو ته زيادتي ڪيسن جي جاچ جديد انداز ۾ ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن، عدالت ڊي اين اي جو جديد نظام آڻڻ ۽ جاچ ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.