ڪراچي ۾13 ورهين جي نينگر جو قاتل گڏ پرهندڙ دوست نڪتو

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ 8 جنوري تي قتل ڪيل  13 ورهين جي نينگر ارباز جو قاتل ساڻس گڏ پرهندڙ دوست نڪتو، منگهو پير پوليس موجب 8 جنوري تي 13 ورهين جو ارباز پر اسرار نموني گم ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سندس لاش هڪ خالي پلاٽ مان مليو، شڪ جي بنياد تي ساڻس گڏ پڙهندڙ ارحم کي گرفتار ڪيو ته ان قتل جو اعتراف ڪري ورتو، جوابدار جي هڪ ٻئي دوست ارسلان سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس ٻڌايو ته جوابدار ارحم پنهنجي ڪلاس فيلو کي مٿي ۾ پٿر هڻي قتل ڪيو، جوابدار وٽان مقتول ارباز جو موبائل فون ۽ رت ۾ رڱيل ڪپڙا به مليا آهن، جوابدار قتل جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته ڪلاس ٽيچر ارباز کي پيپر حل ڪري ڏنو،  جنهن جي خبر پوڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي کيس قتل ڪيو ۽ لاش هڪ خالي پلاٽ ۾ اڇلايو، ٻنهي جوابدارن کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ حاصل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مقتول ارباز جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي به ڪري سگهجي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.