پي ايم سي نتيجن ۾ سنڌ جي شاگردن سان ناانصافي خلاف سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي  ۾  پي ايم سي نتيجن ۾ سنڌ جي شاگردن سان ناانصافي خلاف شاگردن جو سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو، انتظاميا جي خاطري بعد شاگردن ٻن ڪلاڪن کان جاري احتجاج ختم ڪري ڇڏيو، ڊپٽي ڪمشنر معاملو  عدالت هئڻ جو جواز ڄاڻائي ڇڏيو،سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته هن وقت اسان ٻن ڏينهن واري بک هڙتال ختم ٿا ڪريون ۽ اڳتي جي حڪمت عملي عدالتي فيصلي کانپوءِ ٻڌائينداسين ۽ اميد آهي ته عدالت ۾ شاگردن کي انصاف ضرور ملندو. يادسنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران پي ايم سي جي سنڌ دشمن داخلا پاليسي خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو  ٻن واري بک هڙتال ختم ڪري ڇڏي ، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو، سھيل ڀٽو، نصرالله ڪلادي، طارق خاصخيلي، رابيل ابڙو, سرور ڪلادي، ربنواز ملاڻو، تبسم ملاح، حمز علي چانڊيو، اسد مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪالهه 11 جنوري تي به احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويو. بک هڙتالي ڪئمپ تي ڪالهه ٻئي ڏينهن به ڪراچي جي مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن، سول سوسائٽي جي ماڻهن ۽ ساڃاهه وندن ڀرپور شرڪت ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو. سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي مطالبو ڪيو آهي ته پي ايم سي طرفان تازو ورتل ميڊيڪل جي داخلا ٽيسٽ جي نتيجن کي رد ڪري ٻيهر ٽيسٽ ورتي وڃي ۽ بدنيتي تي ٻڌل پي ايم سي کي ختم ڪري سنڌ ميڊيڪل ڪميشن جوڙي وڃي. ان موقعي تي بک هڙتالي ڪئمپ تي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته تازو ميڊيڪل جي داخلا ٽيسٽ ۾ سنڌي شاگردن سان فراڊ ڪري سيٽن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، سنڌي شاگردن جي سيٽن تي ٻين صوبن جي شاگردن کي داخلا ڏيڻ سراسر ناانصافي آهي، پي ايم سي سنڌي شاگردن جي مستقبل سان کيڏي رهي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.