ڪرنٽ لڳڻ سان فوتگيون: پيسڪو تي سوا ڪروڙ کان مٿي ڏنڊ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن (پيسڪو) تي 2019 ۾ ڪرنٽ لڳڻ سان 26 فوتگين جي معاملي تي هڪ ڪروڙ 30 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.

نيپرا جاچ ڪميٽي جي رپورٽ موجب 26 مان 14 فوتگين جي ذميوار پيسڪو نڪتي.

نيپرا چيو آهي ته پيسڪو ضابطن ۽ حفاظتي معيار برقرار رکڻ لاءِ قانوني ذميواريون انجام ڏيڻ ۾ ناڪام رهي ۽ وقت تي موت جو اطلاع اٿارٽي کي ڏيڻ ۾ به ناڪام رهي.

نيپرا پيسڪو کي سوڳوار خاندانن کي معاوضو ڏيڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.