ون پلس پنهنجو پهريون اسمارٽ بينڊ متعارف ڪرائي ڇڏيو

اسمارٽ فونز تيار ڪرڻ لاءِ ناليواري ڪمپني ون پلس پنهنجو پهريون اسمارٽ بينڊ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

ون پلس بينڊ جي ذريعي ڪمپني ويئرايبل مارڪيٽ ۾ پهريون قدم رکيو آهي جيڪو هڪ سستو فٽنس ٽريڪر آهي. ان بينڊ ۾ 1.1 انچن جي اموليڊ ٽچ اسڪرين ڏني وئي آهي.

ان ۾ موجود پراسيسر ۽ ريم جي تفصيل ڪمپني ظاهر ناهي ڪئي پر ان ۾ 100 ايم اي اي بيٽري موجود آهي.

ڪمپني موجب هي بيٽري سنگل چارج تي 2 هفتن تائين هلي سگهي ٿي (پر ان جو دارومدار استعمال تي هوند).

هي واٽر ۽ ڊسٽ ريزيٽنس آهي جنهن جي لاءِ ان کي آءِ پي 68 سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي يعني مينهن ۾ به ان جو استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ون پلس بينڊ قدمن کي ٽريڪ ڪري سگهي ٿو ۽ گهڻو وقت ويهڻ تي صارف کي آگاهه به ڪري ٿو.

ان ۾ 13 ايڪسر سائز موڊز ڏنا ويا آهن.

هي ميڊيڪل ڊيوائس ته ناهي پر جي ڌڙڪ، ننڊ ۽ ايس پي 02 سنسر جي ڪري رت ۾ آڪسيجن جي سطح جي باري ۾ آگاهه ڪري سگهي ٿو.

 بنياد ڄاڻ ته بينڊ ۾ ڏسي سگهجي ٿي پر صحت جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ اينڊرائيڊ فون ۾ هڪ هيلپ ايپ کان مدد وٺڻي پوندي، جيڪا بليوٽوٿ 5.0 جي ذريعي بينڊ سان ڪنڪٽ ٿيندي.

ون پلس ان جي قميت 34 ڊالر (لڳ ڀڳ پاڪستاني ساڍا 5 هزار رپيا) رکي آهي ۽ في الحال هي سڀ کان پهرين ڀارت ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.