پکو ڀرسان ڳوٺ ياروديرو ۾ مچ ڪچھري ۽ صوفياڻي راڳ جي محفل

پکو لڳ ڳوٺ ياروديرو ۾ مچ ڪچھري ۽ صوفياڻي راڳ جي محفل ڪوٺائي وئي،  جنھن ۾ لاڙڪاڻي بورڊ جي سيڪريٽري احمد خان ڇٽو، ڊي ايس آر رينجرز غلام رضا تنيو، صوفي جانڻ چن جونيئر سميت سياسي سماجي اڳواڻن اديبن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، محفل ۾ صوفي راڳين خادم علي خاصخيلي، ھمراز فقير ۽ محمد علي چن صوفياڻا ڪلام ڳائي ويٺلن تي وجد تاري ڪري ڇڏيو ۽ کين جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ، ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي صوفي جانڻ چن جونيئر، ڊاڪٽر سعيد اختر تنيو ۽ سليم اختر تنيو جو چوڻ هو ته صوفين جو مقصد پيار ۽ محبت جي پرچار ڪرڻ آهي

رپورٽ-عبدالوحيد ميئو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.