وزير اعظم عمران خان سان آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ملاقات

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به شريڪ ٿيو.

جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات ۾ قومي سلامتي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ مچ واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ مچ واقعي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

ملاقات ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج طرفان انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي به ڳالهيون ڪيون ويون ان کان سواءِ لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي طرفان سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.