شهدادپور جو ڊاڪٽر ڪراچي ۾ ڪورونا سبب فوت

شھدادپور  )ن ع آ( شھدادپور جي مشهور وڪيل اشوڪ ڪمار جو ڀاءُ سمس اسپتال شھدادپور جو نڪ ۽ ڪن جو مشھور ڊاڪٽر اشوڪموھن ولد موهن ڪمار ٻيجلاڻي  ڪراچي جي اسپتال ۾ ڪرونا وگھي لاڏاڻو ڪري ويو آھي ڪافي عرصي کان ڊاڪٽر اشوڪ موھن ڪراچي جي ڊائو اسپتال جي آئي سي يو وراڊ ۾ داخل ھو اھڙو اطلاح ملندي ھي سڄي شھر شھدادپور ۾ سوڳ وارو ماحول ٿي ويو آھي ۽ سندس گھر ۾ ڪھرام متل آھي سندس مڙھ ايمولنس زريعي شھدادپور آندو پيو وڃي جتي آخري رسمون سندس مڙهي ۾ کيس اگني سنسار ڪرڻ بعد ادا ڪيون ويون.ڊاڪٽر اشوڪ موهن کي ٻن ٻارن جو اولاد هو هوڏانهن سندس پوئينرن سان شهر جي جٽيا علائقي ۾ ڏک ونڊيو پيو وڃي واضع رهي ته ته ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ڪرونا وائرس لاڪ ڊائون جي دوران تمام گهڻو خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ اتان ئي هن جاني دشمن وائرس ۾ مبتلا ٿيو جڏهن ته سندس والد موهن هيپاٽائيٽس ۽گردن جي مرض سبب ڊائلاسز تي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.