ٿاڻو بولا خان ۾ اعجاز شاهه شيرازي جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو

ٿاڻوبولاخان ( ن ع آ )سماجي اڳواڻ منٺار خاصخيلي پاران سنڌ جي نالي واري سياستدان اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اعجاز شاھ شيرازي جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو سڏايو ويو جنهن ۾ کيس قل پڙهي سندس بخشش جي لاءِ دعا گهري وئي ان موقعي تي  خطاب ڪندي سماجي شخصيتن محمد حسين خاصخيلي، لال بخش حملاڻي، منٺار خاصخيلي، صحافي  سرور  خاصخيلي شاعر اياز پالاري صحافي محب خاصخيلي شاعر خان سرائي نماڻو نورالدين خاصخيلي راڳي بابو گيهي مل محمد حنيف خاصخيلي گسٽا اڳواڻ محمد مٺل خاصخيلي پ ٽ الف اڳواڻ گاجي خان خاصخيلي مسڪين مانجهو خاصخيلي آپڪا اڳواڻ نياز حسين خاصخيلي  گل محمد خاصخيلي صحافي پرويز ميمڻ فداحسين خاصخيلي غوث بخش  خاصخيلي صحافي گاگن داس جاويد اقبال جوهري اختر پالاري ۽ ٻين چيو تہ سيد اعجاز شاھ شيرازي انسانيت جو درد رکندڙ هر هڪ سان ننڍي توڙي وڏي سان نياز نوڙت ڪندڙ عوامي شخصيت فقيرياڻي طبيعت جو مالڪ هو هي ٺٽي ضلعي جو بهادر ليڊر هو هر ڪنهن سان مرڻي پرڻي ۾ سياڪي سنگي ڪرڻ جو امين هو هن جي وڇوڙي سان ٺٽي ضلع جي سياست ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آھي هنن چيو تہ سيد اعجاز شاھ ٺٽي جي عوام جي دلين تي حڪومت ڪندڙ هڪ بهترين سادي طبيعت رکندڙ سياست ڪندڙ سياستدان هو جنهن ڪري اڄ ڪوهستان جو عوام بہ کيس ياد ڪري رهيو آھي ان موقعي تي هتان جي استادن سماجي ڪارڪنن صحافين شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.