گمبٽ ۾ پمفليٽ کڻي ڳوٺاڻن جو بااثر خلاف احتجاج

گمبٽ ( ن ع آ )گمبٽ جي ڳوٺ مينهون خان ڄامڙو جي رهواسين گمبٽ شهر جي ڦول باغ کان هٿن ۾ پمفليٽ کڻي بااثر شخص خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن ۾ ڳوٺاڻن سان گڏ شهري به شامل ٿي ويا. ريلي شهر جي مختلف روڊن رستن ۽ چوڪن تان ٿيندي ڀٽائي چوڪ تي پهتي، جتي پريس ڪلب گمبٽ اڳيان احتجاج مظاهرو ڪندي بااثر جميل سمون کي هٽائڻ جا نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن نعمت فائونڊيشن جي اڳواڻ نعمت الله شيخ، ڳوٺاڻن روشن علي ڄامڙو، قلندر بخش، مظهرالدين، رياض احمد، علينواز، گل حسن، غلام رسول ڄامڙو، الهه بخش ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گمبٽ ۾ هڪ خانگي اسڪول جو مالڪ جميل احمد سمون بليڪ ميلر ۽ ٺڳ آهي، هو پاڻ کي اين ايڇ آر جي (نيٽ ورڪ فار هيومن رائيٽس اينڊ جسٽس) جو چيئرمين ڪمپلينٽ سيل سڏرائي رهيو آهي، هنن الزام هنيو ته جميل احمد سمون ڳوٺاڻي عورت مسمات سڪينه سان ڳٺ جوڙ ڪري خاندانن ۾ جهيڙا ڪرائي بليڪ ميلنگ ڪندو آهي، اين جي اوز جي آڙ ۾ فارم ڏئي اٻوجهه ڳوٺاڻن ۽ شهرين کي ٺڳي لکين رپين جا گمبٽ ۾ ڪيترائي پلاٽ ورتا آهن، هنن چيو ته جميل احمد سمون ڊي آءِ جي سکر معرفت ڪجهه بيگناهه ڳوٺاڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ چاهي ٿو، هڪ ڪوڙي ڪيس کي عدالت رد ڪري ڇڏيو آهي. مذڪوره بااثر شخص ۽ عورت ڳوٺاڻن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.