عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ ڀرسان ڪنري روڊ تي ڏکويندڙ روڊ حادثو پيش آيو آھي انڊس ھال جي سامھون تيز رفتار ڪلٽس ڪار جي ٽڪر جي نتيجي ۾ منواڻي پاڙي جي رھواسي پورھيت خوشحال مالھي جي معصوم گلڙن جھڙو ٻارڙو ڪرن کي ٽڪر ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال عمرڪوٽ نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو جنھن جي فوتگي بابت ڊاڪٽر تصديق ڪئي جڏھن ته فوتي نينگر جو لاش گھر پُھچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو ۽ سندس وارثن کي دورا پئجي ويا جڏھن ته حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.