ماڻهو سڀ نه سهڻا…

اڄ سنڌ جي عظيم روحاني شخصيت ۽ سنڌي ٻولي جي قادر الڪلام شاعر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رحه جن جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، مرشد وَهادي سنڌ جي ان عظيم روحاني گهراڻي سان تعلق رکي ٿو.جنهن جو فيض پوري برصغير ۾ ڦهليل آهي ۽ سنڌ جي روحاني گادين ۾ هڪ وڏي ۾ وڏي گادي آهي. جيڪو حضرت مخدوم نوح عليھ رحه جن کان شروع ٿئي ٿو. جنهن جا اڄ به سڄي برصغير ۾ عقيدت مند لکن جي تعداد ۾ موجود آهي.اسان جي سٻاجهڙي ۽ سونهاري سنڌ ڪيترن ئي ولين، درويشن، مستن، مجزوبن کي يا ته جنم ڏنو اهي يا ته الله جي ولين ٻاهران اچي سنڌ ڌرتي تي سڪونت اختيار ڪئي آهي. انهن اوليائن مان برصغير جي هڪ عظيم روحاني شخصيت حضرت غوث الحق مخدوم نوح به هڪ آهن. سرور نوح سنڌ جو اهو ڪامل ولي آهي جنهن جو فيض پوري برصغير ۾ ڦهليل آهي.حضرت مخدوم سرور نوح جن جي پشت مان حضرت مخدوم طالب الموليٰ پيدا ٿيا ۽ سرور سائين جو گادي جو 17 هون نمبر گادي نشين بڻيا.  طالب الموليٰ سائين هڪ گهڻي وصفن جا مالڪ هئا ۽ گهڻ رخي شخصيت جا مالڪ به هئا. پاڻ هڪ مڪمل روحاني پيشوا هئا ۽ جماعت کي روحاني تربيت ڏيڻ لاءِ سماجي محفلن ۾ شريڪ ٿيندا ئا. سندن هٿ تي هزارين ماڻهن بيعت ڪري سروري جماعت ۾ شامل ٿيا.سنڌ ۾ جڏهن تعليم اڻلڀ هئي ۽ سنڌ جا ماڻهو ديني درسگاهن  ذريعي تعليم حاصل ڪندا هئا ان وقت سنڌ حضرت مخدوم غلام حيدر سائين تعليم جو ڏيو روشن ڪيو ۽ هالا شريف ۾ پرائمري کان ڪلا جي سطح تائين تعليمي ادارا قائم ڪيا. جيڪي سندن وڃڻ کان پوءِ طالب الموليٰ انهن کي هلايو. سائين جن پنهنجن جي جماعت  کي تعليم ڏيارڻ جون هدايتون ڪندا رهندا هئا ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان جي جماعت ۾ 70 سيڪڙو ماڻهو پڙهيل لکيل آهن. سنڌ ۾ تعليمي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ سندن وڏو ڪرار رهيو آهي. مخدوم طالب غلام محمد پرائمري اسڪول، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول، سروري اسلاميه ڪاليج هالا، طالب الموليٰ هاسٽل، طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو سندن يادگار طور موجود آهن. ڪيترن ئي غريب شاگردن جي مالي سهائتا ڪندا رهندا هئا.طالب الموليٰ سائين جن جي دور ۾ هالا شريف ادب، شاعري، ثقافت، ٻولي ۽ موسيقي جي يونيورسٽي سڏبو هو. سندن اڱڻ تي هميشه اديب، شاعر، محقق، عالم ۽ ڏاها موجود رهندا هئا.مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي دور  جا هڪ وڏا قادر ڪلام ۽ صوفي شاعر هئا 60 ۽ 70  واري ڏهاڪي ۾ قبلا سائين جي شاعري تمام گهڻي ڳائي ويندي هئي ۽ ان وقت جا ڪلاسيڪل نان، ڪلاسيڪل فنڪار سندن ڪلام ڳائيندا هئا.طالب الموليٰ سائين جن شاعري ۾ نئون رنگ پيش ڪيو ۽ ڪافي جي مدد سان عام سنڌي ٻولي ۾ لکيو ۽ ڪافي تي سندن وڏي ريسرچ هئي ۽ پاڻ ڪافي تي ڪتاب به لکيو اٿن. جيڪو هن  وقت  به ايم اي فائينل سنڌي جي نصاب ۾ شامل آهي. طالب الموليٰ سائين مطالعي ۾ شاهدي جا شاعر هئا، سندن ڪلام  اڄ به سنڌ جا ڪلاسيڪل نان ڪلاسيڪل ڳائڻا وڏي شدت سان ڳائين ٿا.طالب الموليٰ  سياست ۾ رهيا پر ڪڏهن اقتداري سياست جي ويجهو به ڪونه ويا. حالانڪه سائين جن کي وڏن وڏن سرڪاري عهدن جون آڇون به ڪيون ويون سندن سياسي خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ون يونٽ  خلاف صدر ايوب سان مهاڏو اٽڪايائون. ون يونٽ خلاف هڪ وڏي گڏجاڻي سندن ميزباني ۾ سندن بنگلي تي ٿي. جتي سنڌ جو سڀ طاقتور  ڌريون قوم پرست ۽ ڪامريڊ ٽولو شريڪ ٿيا. جتي ون يونٽ  ٽوڙ محاذ جو بنياد پيو ۽ يونٽ ٽوڙڻ خلاف سول نافرماني  جي تحريڪ هلي جنهن ۾ سندن مريدن وڏيون گرفتاريون ڏنيون.ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ وڏو  حصو ورتائون ۽ پنهنجي اولاد ۽ جماعت  جون گرفتاريون ڏياريون شهيد ڀٽي ۽ سندن نياڻي سان هر ڏکئي وقت ۾ گڏ رهيا ۽ ساٿ نه ڇڏيائون. اڄ به سندن خاندان پيپلز پارٽي ۾ شامل آهن.حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رحه جن سرور نوح عليح رحمت جا 17 نمبر گادي نشين هئا. طالب الموليٰ سائين هڪ گهڻي رخي شخصيت هئي 7 اعليٰ صفتن جا مالڪ هئا. سندن شخصيت جي هر پهلو تي لکڻ لاءِ وڏو وقت کپي. اڄ آءٌ فقط سندن شاعري ۽ ادب نوازي تي ڪجهه لکندس.سنڌي شاعري جو بنياد حضرت مخدوم نوح رحه جن رکيو ۽ آءٌ ايترو چوندس ته مخدوم نوح جن سنڌ جا پهريان سنڌي شاعري جا مالڪ هئا، قاضي قاضن ۽ ٻين شاعرن جو به نالو اچي ٿو. پر سنڌي شاعري جو پهريون شاعر حضرت مخدوم نوح رح کي سمجهيو ويندو آهي. سروري خاندان ۾ ٻيا به ڪيترا شاعر ٿي گذريا آهن جن ۾ حضرت مخدوم امين محمد پکن ڌڻي جن سنڌ جا هڪ وڏا قادر الڪلام شاعر ٿي گذريا آهن جن کي ڪافي جو بادشاهه ڪري سڏيو وڃي ٿو. پاڻ سنڌ جي وڏن وڏن روحاني شاعرن جا همعصر هئا. حضرت مخدوم غلام محمد جن به شاعري ڪئي. پر ان جي شاعري ۾ رڳو سحر في الف کان ي تائين شاعري ملي ٿي. جيڪا پاڻ علي سائين جي شان ۾ لکيل آهي. ان بعد سروري خاندان جو وڏي ۾ وڏو ناليوارو شاعر حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ٿي گذريو آهي جنهن جي شاعري عام سنڌ جي ماڻهو تائين پهتل آهي.مخدوم طالب الموليٰ سنڌ جو اهو وڏي نالي وارو شاعر آهي جنهن سنڌي شاعري کي نئون رنگ بخشيو سندن شاعري عام سنڌي ٻولي ۾ ٿيل آهي. طالب الموليٰ سائين  سنڌي شاعري کي وڏي جدت سان ڪيو. پاڻ مطالعي ۾ مشاهدي ۾ شاعر هئا. سندن شاعري ۾ سنڌ جي ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جي ٻولي شامل آهي. سندن شاعري ۾ شيري مٺاس آهي. سندن شاعري ٻڌڻ سان اڄ به دل کي سڪون ملندو آهي. مون سندن پهرين ڪافي 1958ع ۾ ٻڌي، جڏهن آءٌ ننڍڙي عمر جو هيس. جيڪو سوشيالا مهتاڻي ۽ محمد ايوب گڏجي ڳايو هو.

اسان عش وارن جي عادت نياري

نه ڪنهن سان تعلق نه ڪنهن کان بيزاري

سندن ڪافيون ۽ ڪلام يا ته ريديو پاڪستان حيدرآباد تان ٻڌندو هئس يا ته شادين مرادين ۾ جتي سنڌ جا نالي وارا ڳائڻا اچي ڳائيندا هئا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ڳوٺاڻي ڪچهري ۾ سندن ڪلام تمام گهڻو ڳايو ويندو هو. جتي جتي به ادبي ميڙاڪا ٿيندا هئا اتي قبله سائين جو ڪلام ڪثرت سان ڳاهيو ويندو هو.طالب الموليٰ سدائين سنڌي شاعري کي عام ماڻهو تائين پهچايو، سندن شاعري ۾ نواڻ هئي پاڻ پنهنجن جي شاعري ۾ اکين جي اداسائي ۽ پيرن جي پنڌ کي به ڳايو آهي.

اکين جي اداسي جو ڏاڍو ڏک ٿيوم

آيم آب اکين ۾ تڏهن پتو پيوم

ريٽين  کي رئوڻ جو وڏو وس ڪيوم

طالب الموليٰ تن کي پلئه پانڌ وڌوم

اکين کي چيوم تڏهن به رهيون ڪين رئڻ کان

يا ته پاڻ محفلن ۾ اچي شرڪت ڪندا هئا، يا وري پنهنجا شعر لکي موڪليندا هئا. سندن شاعري تي ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، پاڻ مزاج جا به شاعر هئا ته حقيقت جا به شاعر هئا. پاڻ فرمائيندا هئا ته بابا حقيقي  عشق جي چاڙهي اصل ۾ مزاج آهي. پنهنجي ڪلام جون ڌنون پاڻ ٺاهيندا هئا ۽ پاڻ ڪلاسيڪل گائڪي کي سمجهندا هئا. مون قبله سائين جن کان هڪ دفعي پڇيو ته بابا اوهان جو مزاجي محبوب ڪير آهي ته پاڻ فرمايائون ته

منهنجي عشق جو يا محبوب خدا

آغاز به توره ته انجام به تون

پاڻ سڌي ڪافي کي عام ڪيو، سنڌي ڪافي تي سندن وڏي ريسرچ ٿيل آهي. پاڻ سنڌي ڪافي ڪلاسيڪل مان ڪڍي تان ڪلاسيڪل ۾  کڻي آيا جنهن ڪري سنڌي ماڻهو ان کي سولائي سان سمجهي سگهن.  پاڻ ڪڏهن بهر وزن واري شاعري ڪونه ڪيائون جڏهن پاڻ اڪيلائي ۾ هوندا هئا ته شاعري ڪندا هئا. اڪيلائي ۾ جهوگاريندا رهندا هئا ۽ شاعري لکندا رهندا هئا. پاڻ سنڌي جي واهڻ واهڻ، وستي وستي جماعت جي روحاني دورن ۾ سلسلي ۾ يا سنڌي ادبي محفلن ۾ شرڪت ڪندا هئا. جتي جتي جنهن ڳوٺ شهر ۾ قيام ڪندا هئا. اتي شعر لکندا هئا ۽ انهن ڳوٺن جا نالا لکندا هئا. پاڻ سنڌ جي شاعرن جي سرپرستي ڪئي ۽ ڪيترن شاعرن ۾ مالي سهائتا ڪندا هئا. سندن اڱڻ تي هميشه اديب، شاعر سنڌ جا ڏاها، عالم شاعر نظر ايندا هئا. جن جي ميزباني پاڻ ڪندا هئا. بزم طالب الموليٰ جو  بنياد وڌائون جنهن جون سڄي سنڌ ۾ شاخون قائم ڪيائون جتي هر مهيني مذهبي ۽ غير مذهبي شاعرن ۽ سنڌي سنگيت جون محفلون مچنديون هيون. قبله سائين مون ڏٺو ته تهجد جي وقت اٿندا هئا ۽ فجر جي نماز پڙهي پوءِ ڪتابن جو مطالعو ڪندا هئا ۽ شعر لکندا هئا ۽ ڪجهه  ادب تي به لکندا هئا.سندن شاعري سنڌ جي تمام پراڻن ڳائڻن ڳائي ان وقت جا ڳائڻا جڏهن محفلن ۾ڳائيندا هئا ته صرف طالب الموليٰ  جو ڪلام ڳائيندا هئا. ڀلي سڄي رات رڳ هلندو هو. ليڪن سائين جن جي شاعري کي کٽائي نه سگهندا هئا. پاڻ سنڌي ڪافي کي نئون رخ ڏنو ۽ ڪافي جي اهميت کي سمجهايو. سندن ڪافي تي ڪتاب به لکيل آهي جيڪو هن وقت ايم اي سنڌي فائنل ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو آهي.

سندن اندر ۾ درد هو، سندن اندر ۾ سور سمايل هئا شاعري ۾ سندن وڏي منزل هئي.

پڃارو ڀڃي جيئن سوَ ڀيرا عباد کي

طالبن مون کي دنبئيو طالب الموليٰ تيئن

آهي مون کي ائين ڪيو عشق عجيب جي.

فقير امير بخش، مخدوم ڍول فقير، مرحوم مصري فقير، حسين بخش خادم، فقير يار محمد، استاد منظور علي خان ۽ ٻيا ڪيترائي ناليوارا فنڪار سائين جو ڪلام دل ۽ درد مان ڳائيندا هئا.سنڌي ٻولي جي شاعر، اديب ۽ ثقافت جي رکوالي کي اسان کان وڇڙي 28 سال گذري ويا آهن پر اڄ به اسان جي دلين ۾ زنده آهي. اڄ به سندن شاعري سڄي سنڌ ۾ سنڌ جا ڀلوڙ ۽ ڪلاسيڪل فنڪار ڳائين ٿا. سندن شاعري اڄ به زنده آهي ۽ زنده رهندي. سندن نالو سنڌي جي قادر الڪلام شاعرن ۾ اڄ به سرفهرست آهي.

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.