ملڪ ۾ سخت ٿڌ، ڪراچي ۾ 6 ڊگري رڪارڊ

ڪراچي( رپورٽر) ملڪ ۾ سخت ٿڌ جي لهر جاري آهي. ڪراچي ۾ ڪالهه لڳاتار ٻيون ڏينهن گرمي پد 6 ڊگري رهيو. ڪوئٽا ۾ ڪاٽو 8 ۽ قلات ۾ ڪاٽو 11 ڊگري رڪارڊ رهيو. 03

اوٻاوڙي ۾ ڪورٽ سامهون نوجوان جو لاش ھٿ

اوٻاوڙو ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ)  اوٻاوڙي ۾ سول ڪورٽ سامهون نوجوان جو لاش ھٿ  ڪيو ويوآهي، وارثن  قتل جو شڪ ظاهر ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.ڳوٺ صالح ڏھر جي رھواسي26 سالن جي پورھيت فرمان علي ڏهر  جو لاش  باءِ پاس اوٻاوڙو شھرطرف ايندڙ روڊ ڀرسان سول ڪورٽ اڳيان هٿ ڪيو ويو. اطلاع تي  پوليس لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پهچايو،  جتي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،فوتي ريتي روڊ باء باس تي ڪريانه اسٽور هلائيندو هو،وارثن جو چوڻ آهي ته فرمان علي کي  اڻڄاتل ماڻهو قتل ڪري لاش رات جو اڇلائي  ويا آهن، مقتول جي والد غوث بخش ڏھر چيو ته مان پٽ  دڪان ھلائي گھر جو گذر سفر ڪندو ھو، ڪنھن سان به دشمني نه آھي،هن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ وس وارن ڪيو آهي ته  قاتلن کي جلد گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

انڊونيشيا مٽي جي ڇپ ڪرڻ سبب 11 ماڻهو اجل جو شڪار

جڪارتا(م ڊ) انڊونيشيا جي اولهندي صوبي جاوا ۾ مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 11 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن . چين جي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب انڊونيشيا جي اولهندي صوبي جاوا ۾ تيز برسات سبب مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 11 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 17 زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته 14 ڄڻا اڃا تائين ۾ ٽيءَ ۾ دٻيل آهن . انڊونيشين صوبائي ذزاسٽرمينجمنٽ ايجنسي (بي پي بي ڊي )جي ايمرجنسي يونٽ جي سربراهه ميڊيا کي ٻڌايو ته مقامي وقت موجب امدادي ٽيمن جون ڪارروائيون جاري آهن ۽ ڇپ جي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي.جڏهن ته لاشن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.