زين آفندي ڪنهن به قسم جي مزاحمت نه ڪئي هئي: بيواهه

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ 6 جنوري تي پراسرار نموني گهر اندر قتل ڪيل سنڌ مدرسي يونيورسٽي جي باني حسن علي آفندي جي پوٽي زين آفندي واري ڪيس ۾ پوليس جي جاچ جاري، زين حسن آفندي جي گهر واري جاچ پوليس وٽ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، پوليس موجب گذريل ڏينهن زين حسن علي آفندي جي گهر واري جاچ ٽيم کي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو ته 6 جنوري تي هٿياربند سندن گهر ۾ داخل ٿيا جن سان ڪنهن به قسم جي مزاحمت نه ڪئي، هن چيو ته هٿياربند گهر ۾ داخل ٿيا ۽ اسان جي بيڊ روم ۾ داخل ٿيا جتي ساڻن زين ڪنهن به قسم جي ڪا مزاحمت نه ڪئي جڏهن ته جوابدارن کيس بيڊ روم مان ٻئي ڪمري ۾ وٺي وڃي سڌيون گوليون هنيون، زين علي آفندي جي گهر واري ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان يا خاندان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه دشمني يا ڪو جهيڙو ناهي، ٻئي پاسي جاچ پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته هٿياربندن پاران گهر مان ڦر ڪيل موبائل فون جي آخري لوڪيشن سينٽرل ضلعي ۾ لڳي هئي، جاچ ۾ نه ٿو لڳي ته ڪو هي واقعو ڦر آهي، ملازمن جا به بيان رڪارڊ ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.