شھدادڪوٽ: شھدادڪوٽ پريس ڪلب چونڊون، شھيد ميان عطا محمد صديقي پئنل ڪامياب

شھدادڪوٽ پريس ڪلب جي چونڊن ۾ شھيد ميان عطا محمد صديقي پئنل جي اميدوارن شاهه ڀٽائي پئنل جي اميدوارن کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي.

نئين 2021ع لاءِ چونڊون 3 رڪني ڪاميٽي جي نگراني هيٺ پريس ڪلب ۾ ٿيون گذريون.

ڪاميٽي جي ميمبرن ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر وڪيل منير احمد کھاوڙ، جي يو آئي جو ضلعي اڳواڻ محمد جان عابد ۽ پريس ڪلب جو ميمبر خالد حسين کوسو شامل ھئا.

پولنگ دوران پريس ڪلب جي 31 ميمبرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو,سخت مقابلي کان پوء شھيد ميان عطا محمد صديقي پئنل 16 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي جڏهن ته مخالف شاه ڀٽائي پئنل جا اميدوار 15 ووٽ حاصل ڪري سگهيا.

ڪامياب عھديدارن پاران پريس ڪلب کان ميان غلام رسول صديقي جي درگاهه تائين گڏ ريلي ڪڍي وئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.