بجلي بريڪ ڊائون جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني ملڪ ۾ گذريل رات ٿيندڙ بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون جا سبب ڄاڻڻ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

هوڏانهن پاور ڊويزن ترجمان جو چوڻ هو ته گذريل رات 11 لڳي 41 منٽن تي گدو ۾ فني خرابي ٿي، جنهن سبب ملڪ جي هاءِ ٽرانسميشن ۾ ٽرپنگ ٿي ۽ سسٽم جي فريڪوئنسي 50 کان ٻڙي تي اچي وئي، فريڪوئنسي ڪِرڻ جا سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.