وفاق بجلي جي بريڪ ڊائون جو ذميوار گذريل حڪومتن کي قرار ڏئي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون جو ذميوار گذريل حڪومتن کي قرار ڏئي ڇڏيو.

گذريل رات بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون سبب ڪراچي کان پشاور تائين سڄو ملڪ اونداهي ۾ ٻڏي ويو هو ۽ اڃا تائين ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي بحال ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت ان بريڪ ڊائون جو ذميوار گذريل حڪومتن کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

وفاقي وزير شبلي فراز بجلي جي بريڪ ڊائون تي ردعمل ڏيندي چيو ته ماضي ۾ بجلي جي پيداوار تي ئي ڪم ڪيو ويو پر پهچ جو نظام نه ٺاهيو ويو، گهرن تائين بجلي پهچائڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو، موجوده حڪومت هاڻ بجلي جي پهچ جي نظام تي ڌيان ڏئي رهي آهي.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شبلي فراز وڌيڪ چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ بجلي جي بحالي جو ڪريڊٽ عمر ايوب ۽ سندس ٽيم ڏانهن وڃي ٿو، سڄي رات انهن پاڻ صورتحال کي مانيٽر ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.