راضديري لڳ جوا اڏي تي ڇاپو، 3 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

راضيديرو(ن ع آ)راضيديري لڳ ٻيلهاڙو ۾ جوا جي اڏي تي اڳڙا پوليس ڇاپو هنيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 جوارين سميت 1 قتل ڪيس جو جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي. ان سلسي ۾ ايس ايڇ او اڳڙا محمد هاشم هڪڙو صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته ٻيلهاڙو ۾ جوا جي اڏي تي ڇاپو هنيوسين جنهن ۾ 2 جوارين نعيم، نادر ۽ 1 قتل ڪيس جو جوابدار امان خاصخيلي کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪو راجا منگي جي قتل ڪيس ۾ گهربل هيو. هن چيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي.

ڪمشنر سکر کي لاڙڪاڻي ڊويزن جي اضافي چارج ڏني وئي

سکر( رپورٽر) سنڌ حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي سکر جي ڪمشنر شفيق احمد مهيسرکي بدلي ڪري   لاڙڪاڻو ڊويزن جو ڪمشنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته کيس سکر ڊويزن جي اضافي چارج پڻ ڏني وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.