ڳڙهي خيري جو معزز محمد علي بروهي دل جي دوري سبب فوت

ڳڙھي خيرو (ن ع آ) ڳڙھي خيرو جي معزز شخصيت محمد علي بروھي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، نماز جنازه مھراڻ گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، نمازي جنازي ۾  شھرين, عزيزن, دوستن, سياسي سماجي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي, جڏھن ته نماز جنازي بعد ڳڙھي خيرو ڀر سان الھ آباد قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.

خير محمد آريجا واسي ڪينسر ورتل نينگر ڪراچي ۾فوت

خير محمد آريجا (ن ع آ) خير محمد آريجا لڳ باقراڻي شھر جو پورهيت نزاڪت علي ڪنڀر جو اٺ سالا معصوم نينگر رفاقت علي ڪنڀر گهڻو عرصو بلڊ ڪينسر  جي بيماريءَ ۾ مبتلا هئڻ بعد ڪراچيءَ جي نجي اسپتال ۾  زندگي جنگ هارائي ويٺو جڏهن ته نينگر جو مڙه باقراڻي گهر پهچڻ تي گهر ۾ قھرام مچي ويو جڏهن ته نينگر جو مڙھ جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو هوڏانهن تڏي تي سندس جي وارثن سان سياسي سماجي اڳواڻن توڙي شهرين ۽ ڪنڀر برادريء پاران تعزیت جو سلسلو هلندڙ آهي.

گهوٽڪي۾ بااثر جي ظلمن کان تنگ ڳوٺاڻي پاران پٽيشن داخل

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ ڳوٺ قاضي بادل جي بااثر وڏيري نبي بخش مهر ڳوٺاڻن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو , وڏيري پاران پورهيت اختر حسين مهر سميت 3 ڄڻن مٿان گهوٽڪي جي عدالت  ۾ پٽيشن داخل ڪرائي جڏهن ته عدالت سڳوري وڏيري جي پٽيشن رد ڪري ڇڏي , ان حوالي سان پورهيت اختر حسين مهر جو چوڻ آهي ته علائقي جي بااثر وڏيري نبي بخش مهر اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي , هن اسان مٿان پٽيشن داخل ڪرائي جيڪا عدالت سڳوري رد ڪري ڇڏي آهي , ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيف جسٽس , سيشن جج سميت ايس ايس پي گهوٽڪي جي اپيل ڪئي ته بااثر وڏيري نبي بخش مهر خلاف قانوني ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.