لکي غلام شاھ(رپورٽ نديم جان مهر) گذريل ڏينهن ڪوهيڙي سبب ٽرالر ڪلٽي ٿيڻ سبب لاهور ڀرسان لکي غلام شاھ واسي 2 سئوٽ محمد صديق جلباڻي ۽ محمد سالم جلباڻي ٽرالر جي هيٺيان اچي فوت ٿي ويا . ٻنهي ڄڻن جي فوتگي جي اطلاع تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ڳوٺ غلام رسول جلباڻي ۾ تڏو وڇايو ويو .ٻنهي فوتين جا لاش لاهور مان آڻي لکي غلام شاھ ڀرسان مقامي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيء ماءۡ حوالي ڪيا ويا.ڳوٺاڻن موجب فوتي نوجوان لاهور ڀرسان ڪم ڪندڙ هڪ نجي ڪمپني ۾ ٽرالر تي ڊرائيور ۽ ڪلينر هئا رات ديرسان سخت ڪوهيڙي ۾ ٽرالر ڪلٽي ٿيڻ ڪري پنهنجي گاڏي هيٺيان اچي فوت ٿي ويا آھن ٻئي شادي شده هئا.