گهوٽڪي ۾ قتل جي ڏوهه ۾ جوابدار کي عمر قيد

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي جي ماڊل ڪورٽ عورت جي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي 25 سال قيد ۽ 5 لک ڏنڍ جي سزا ٻڌائي ڇڏي , گهوٽڪي جي ماڊل ڪورٽ ڪجھ سال پهرين مائي فاطمه ڀٽي جي  قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار منير ڀٽي ولد بشير ڀٽي کي 25 سال قيد ۽ 5 لک ڏنڍ جي سزا ٻڌائي ڇڏي , ياد رهي ته جوابدار منير ڀٽي ڪجھ سال پهرين گهوٽڪي جي ڀٽي محلا اندر گهر ۾ گهري پنهنجي ڦڦي پيرسن عورت مائي فاطمه ڀٽي کي قتل ڪري کيس ڪن مان سونيون واليون لاهي فرار ٿي ويو هو , جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بعد ٻه سال ڪيس هلڻ بعد گهوٽڪي ماڊل ڪورٽ اهڙو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.