سنڌ سڀا قافلي تي حملي خلاف ڇهين ڏينهن به مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال

حيدرآباد  ( پ ر ) سنڌ سڀا جي قافلي تي اوٻاوڙي ۾ پوليس ڪاهه ڪري نياڻين تي تشدد، سنڌي انعام ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري  ۽ مٿن جڙتو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج جاري آهي.ڇهين ڏينهن به حيدرآباد  پريس ڪلب آڏو جهوني قومپرست ڪارڪن حسين ڏاهريءَ ۽ سنڌ سڀا جي نائب صدر ڊاڪٽر نذير کوکر جي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رهي، ٻئي طرف حيدرآباد جيل ۾ سنڌي انعام ۽ نور باگڙي جي بک هڙتال کي 8  ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن،  جڏهن ته حيدرآباد پريس ڪلب آڏو هنيل ڌرڻي ۾ سنڌ سڀا اڳواڻن نعيم سنڌو، وفا سنڌي، شعيب خاصخيلي، اصغر جمالي جي اڳواڻي ۾ لڳايل ڌرڻو ڇهن ڏينهن جاري رهيو،ڌرڻي ۾ هاءِ ڪورٽ بار جي وفد سميت سياسي سماجي شخصيتن ايڊووڪيٽ اندر جيت لوهاڻو،  ايڊووڪيٽ محمد علي شيخ، پنهل ساريو، سماجي اڳواڻ شنڪر لال مالهي، ايڊووڪيٽ اسمه ابڙو، اديب تاج جويو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  احتجاجي ڪيمپ تي کنڀي گم ڪيل غلام رسول شر جي سالگرهه ملهائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو.ان موقعي تي حسين ڏاهري ڳالهائيندي چيو ته رات جي اونداهين ۾ اسان جي پيارن کي کنڀي گم ڪرڻ واري روش رياست لاءِ نقصانڪار آهي، ڊاڪٽر نذير کوکر چيو ته پرامن قافلي تي تشدد انسانيت ۽ جمهوريت جي لتاڙ آهي،سنڌ سڀا جي ترجمان نعيم سنڌو چيو ته سنڌي انعام، نور باگڙي، اي ڊي راهمون، شبير لغاري، شعيب چانڊيو ۽ اصغر شيخ تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ عاقب چانڊيو، انصاف دايو، مرتضيٰ جوڻيجو، غلام رسول شر، نسيم بلوچ، فيصل آرائين، ايوب ڪانڌڙو، اعجاز ڳاهو، سرويچ نوحاڻي سميت سمورن کنڀي گم ڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.