جعلي اڪائونٽس: آصف زرداري جون بريت بابت درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري خلاف سمورا ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر  ڪري ڇڏيا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 12 جنوري تي ڪندي.عدالت اڳوڻي صدر جي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ بريت وارين درخواستن تي ٻڌڻي 19 جنوري تي مقرر ڪري ڇڏي.جاري ڪيل پڌرائي موجب جعلي اڪائونٽس جا 3 ضمني ريفرنس خارج ڪرڻ لاءِ  آصف زرداري جي درخواست تي ٻڌڻي 20 جنوري تي ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.