سازشن جي نتيجي ۾ سنڌ مڪمل تباھ ڪئي وئي: صنعان خان قريشي

ڪراچي ( پ ر ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ،امجد خان مهيسر، ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ،  مومن سمون، ديدار شام، ڏاڏو اطهر  سومرو چيو آهي ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل سازشن جي نتيجي ۾ سنڌ اقتصادي طور مڪمل تباھ ڪئي وئي آهي، بيان ۾ هنن چيو ته سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جو حق ناهي، تيل، ڪوئلو ۽ گئس سنڌ مان دريافت ٿئي ٿو، پر سنڌ کي ڪو  فائدو نٿو ڏنو وڃي، گيس نڪري سنڌ مان وري لوڊشيڊنگ به سنڌ ۾،اهو سڀ وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل مفاد ۾ ٿي رهيو آهي، هنن مرڪزي بيان ۾ هي به ڄاڻايو آهي ته سردي ايندي ئي گرم ڪپڙن جو وڪرو ڪرڻ جي بهاني بنا ڪنهن قانون ۽ رجسٽريشن جي وڏي تعداد ۾ افغاني پٺاڻ سنڌ ۾ داخل ٿي رهيا آهن، سنڌ ۾ اڳئي ڌاري آبادڪاري وڏي تعداد ۾ موجود آهي جنهن سبب سنڌ ۾ بدامني، منشيات ۽ دهشتگردي جو امڪان هر وقت موجود هوندو آهي، تنهن ڪري سنڌ ۾ ايندڙ افغانين کي روڪيو وڃي. هنن 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي سالگرھ تي سن ۾ جلسي ۾ ڀرپور شرڪت جي اپيل پڻ ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.