ڪراچي مان وڏي مقدار ۾ سمگل ٿيل ڀارتي دوائون هٿ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪسٽمز پريوينٽو ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي وڏي مقدار ۾ سمگل ٿيل ڀارتي دوائون قبضي ۾ وٺي ڇڏيون، انهن پابندي پيل دوائن جي ماليت تقريبن اڍائي ڪروڙ رپيا آهي.

ڪسٽمز ترجمان موجب صدر جي علائقي ۾ هڪ مارڪيٽ جي گودام تي ڇاپو هنيو ويو، ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ سمگل ٿيل ڀارتي دوائون هٿ ڪيون ويون.

ڪسٽمز اختيارين جو چوڻ آهي ته گودام ۾ پابندي پيل دوائن جي موجودگي بابت پاڻ واپاري برادري طرفان اطلاع ڏنو ويو، برآمد ڪيل دوائن جي ماليت تقريبن اڍائي ڪروڙ رپيا آهي.

ڪسٽمز ڪارروائي کان اڳ جڊيشل مئجسٽريٽ کان باقاعطي طور سرچ وارنٽ حاصل ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ضابطي جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.