وزيراعظم جي مچ سانحي جي متاثرن سان ملاقات، بليڪ ميلنگ جي جملي تي احتجاج

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا پهچي مچ سانحي جي متاثرن سان ملاقات ڪئي آهي.

وزيراعظم عمران خان نور خان ايئر بيس راولپنڊي کان خاص جهاز ذريعي ڪوئيٽا پهتو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد به ساڻس گڏ هو.

ڪوئيٽا پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال، گهرو وزير شيخ رشيد، صوبائي وزيرن، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، آءِ جي پوليس، آءِ جي ايف سي ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.

وزيراعظم سان بلوچستان جي وڏي وزير الڳ ملاقات پڻ ڪئي ۽ کيس مچ سانحي تي بريفنگ ڏني، ان ملاقات ۾ بلوچستان جو گورنر امان الله ياسين زئي به موجود هو.

پوءِ وزيراعظم مچ سانحي جي متاثرن سان به مليو، ان موقعي تي هزارا ڪميونٽي جا اڳواڻ ۽ مجلس وحدت المسلمين جو اڳواڻ سيد آغا رضا به موجود هو.

ملاقات دوران وزيراعظم متاثرن کي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حڪومتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ مالي پيڪيج بابت به ٻڌايو.

ملاقات کانپوءِ سيد آغا رضا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بليڪ ميلنگ جي جملي تي وزيراعظم سان احتجاج ڪيو ويو، پوءِ هن وضاحت ڪئي ته مان اهو جملو پي ڊي ايم اڳواڻن بابت چيو هو، هن اسان جا مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.