ٽنڊي آدم ۾ پاسبان ڊيموڪريٽڪ جي ريلي

ٽنڊوآدم ( ت ر ) ٽنڊوآدم ۾ تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران جاڳرتا ريلي سنڌ ۾ بند پيل اسڪول کولي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو  رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران ضلعي سانگهڙ جي صدر سلطان خاصخيلي ، سليم چيما ، امتياز خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ سميت سول سوسائٽي جي ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ ساليانو 7 ارب روپيه خرچ ٿين ٿا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته تعليم وڌڻ بجاءِ گهٽ ٿي رهي آهي سنڌ ۾ 8 هزار اهڙا اسڪول آهن جن کي ڇتيون ناهن 9 هزار اسڪولن ۾ واش روم ناهن فرنيچر جي کوٽ آهي اسڪول اوطاقون بڻيل آهن هنن چيو ته ڪابه قوم تعليم کان سواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ ٻارڙن جي تعليم ضروري آهي خاص ڪري نياڻين جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي هنن حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته بند پيل اسڪول کولي بنيادي  سهولتون فراهم ڪيون وڃن .

بڪيرا شريف ويجهو ڳوٺ ۾ تعليم بابت جاڳرتا لاءِ ريلي

بڪيراشريف )ن ع آ ) بڪيراشريف ۾ 8 جنوري سنڌ جي تعليمي ڏيهاڙي جي حوالي سان ڳوٺ الله جروار ڳوٺ صاحب خان جروار ڳوٺ علي بخش جروار جي نوجوانن عبدالستار جروار، راجا خان، اڪرم، ايڊوڪيٽ عزيز جروار، ظهير جروار ۽ ٻين اڳواڻي ۾ ريلي بڪيراشريف شهر جو گشت ڪندي پريس ڪلب تي پهتي، جتي نوجوانن خطاب ڪندي چيو ته تعليم اسان جو هٿيار آهي جيڪو اسان کان ڦرڻ جي پهرين به ڪوششون ڪيون ويون آهن ۽ اڃا به ڪوششون جاري آهن، اسان جي تعليم تباهي جي ڪناري تي پهچي وئي آهي، سنڌ اندر ايس او پيز تحت اسڪول کوليا وڃن هڪ سال اڳ ڪرونا وبا سبب شاگردن جو سال ضايع ٿي چڪو آهي،  اسڪول اندر استادن جون نئون ڀرتيون ڪيون وڃن.  اسان سنڌ حڪومت ۽ وفاق کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسڪولن کي ايس او پيز تحت کوليا وڃن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.