راضيديرو ( ن ع آ ) تعليم جي ڏهاڙي جي حوالي سان راضيديرو لڳ ڳوٺ ستابو ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شاگردن، استادن، اسڪول آفيسر تسليم عباسي اسڪول جو FA استاداستاد ثناءُ الله جکڙ، گسٽا گمبٽ جو صدر محمد يوسف جکڙ، استاد حسين تبسم، استاد رحمت الله ڀنڊ ، استاد بچل کھڙو سميت ٻين شرڪت ڪئي. ريلي ۾ تعليم پرايو، سنڌ سنواريو، علم آزادي آھي جھالت غلامي آھي جا نعرا ھنيا ويا. ان موقعي تي ھنن ڳالھائيندي چيو ته ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو تعليم انسان جو زيور ۽ ٽين اک آھي. تنھن ڪري پنھنجي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪيو. علم آزادي آھي، جھالت ، نااميدي ، خوف ۽ ظالم جي اڳيان جھڪڻ کان صرف تعليم سان ئي تبديلي ۽ ترقي ممڪن آھي. اسان جو خواب پڙھيل لکيل خوشحال سنڌ آھي اهو تڏھن ئي ممڪن آھي جڏھن سنڌ ڌرتي جو هر ٻار اسڪول ويندو ۽ معياري تعليم حاصل ڪندو.