گهوٽڪي ۾ چوٿين ڏينهن به حددخلين خلاف آپريشن، اڏاوتون ڊاهي پٽ، احتجاج

گهوٽڪي (ڊ ر) گهوٽڪي ميونسپل عملدارن پاران اڄ چوٿين ڏينهن به گهوٽڪي جي مختلف علائقن ڏيوري روڊ سميت ٻين هنڌن جا ڪيترائي دوڪان ۽ دڪا ڊاهي  پٽ ڪري ڇڏيا، ان حوالي سان ڏيوري روڊ تي ڊاٿل دوڪانن جي مالڪن جاني شنڪر، هري مل، اشوڪ ڪمار، نقل رام رميش لال، نند لال، گرمک داس ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گهوٽڪي ميونسپل جي سي ايم او نادر شاھه امروٽي اسان جا بنا نوٽيس جي دوڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن، هنن چيو ته اسان جي دوڪانن ۾ پيل لکين رپين جو سامان به تباهھ ڪيو ويو آهي، اسان هاڻ تباھ ٿي وياسين , هنن چيو ته اسان دڪان هلائي ٻچن جو پيٽ پاليندا هواسين هاڻ دوڪان ٺاهن ڪري ٻچا ڪٿان پالينداسين. هنن چيو ته پيپلزپارٽي جو منشور آهي ته روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان پر اهو سڀ اسان کان کسيو ويو آهي. ان موقعي تي مطاثرن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ ۽ ڊي سي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته اسان جو ٿيل لکين رپين جي نقصان جو نوٽيس وٺي، ڪا مناسب جڳهھ فراهم ڪئي وڃي، جيئين اسان ٻچن جو گذر سفر ڪري سگهيون .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.