شهيدن جا سرد لاش ۽ مائرن جي هٿ ۾ انهن جون تصويرون

تحرير: نذير سومرو

مطالبو رڳو اهو آهي ته رياست مدينه جو دعويدار وزيراعظم اچي ۽ اسان سان يارنهن اکيون ڪڍي، عضوا ڪپي بيدرديءَ سان ڪُهي شهيد ڪيلن جي ڏک ۾ شريڪ ٿئي. اهو مطالبو ڪيترن ڏينهن کان رت ڄمائيندڙ ٿڌ ۾ ويٺل شهيدن جون امڙيون پيون ڪن جنهن جي جواب ۾ وزيراعظم کين مخاطب ٿي فرمايو ته وزيراعظم کي بليڪ ميل نه ٿو ڪري سگهجي ٻين لفظن ۾ اهي بليڪ ميلر آهن. ان کان هڪ ڏينهن اڳ وزيراعظم جي هڪ خاص مددگار ذلفي بخاري صاحب جن جو بيان آيو هو ته جيڪڏهن وزيراعظم اچي ته اوهان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو (غور ڪجي ته ان جا ڪيترا ئي مطلب نڪري سگهن ٿا جن مان هڪ اهو به آهي ته ان جي هٿ ۾ ته ڪجهه به ڪونهي). وڌيڪ فرمايائين ته جيڪڏهن هو اچي ته ان جي ذميواري ڪير کڻندو. هن جي اهڙي ڪلپ سوشل ميڊيا تي خوب وائرل ٿي.

بهشت ماء جي قدمن ۾ آهي. اها ڳالهه ڪائنات جي سڀ کان وڏي انسان جي ڪيل آهي ۽ پڪ سان ڪنهن به حڪمت کان خالي ڪونهي. انساني نسل جي بقا لاءِ مرد ۽ عورت جو هجڻ هڪ جيترو ضروري آهي. انساني بقا تيستائين قائم ڪونه رهندي جيسين ٻيئي گڏ نه هوندا. رڳو امڙ هوندي ته به ڪونه، رڳو بابا هوندو ته به ڪونه. اهڙي قسم جي قدرت تاريخ ۾ رڳو هڪ دفعو ٿي آهي يعني حضرت عيسى بابا کان سواءِ پيدا ٿيو. بابا کان سواءِ نه ڪي امان کان سواءِ، جيڪا ڳالهه خود به سوچڻ تي مجبور ڪندڙ آهي. جيڪڏهن ٻنهي جو هجڻ هڪ جيترو ضروري آهي ته پوءِ جنت ماءُ جي قدمن ۾ ڇو، اها وڏي ڳالهه آهي ۽ فرمايل به تمام وڏي انسان کان آهي.

ٻي ڳالهه ته اڄ تائين دنيا پاران مڃيل حقيقت آهي ماءُ جهڙو پيارو رشتو ڪو ٻيو آهي ئي ڪونه پر جنهن سماج ۾ هر امڙ پنهنجي پياري هٿ ۾ فوٽو کنيو نماڻي نظرن سان ايندڙ ويندڙ ڏانهن واجهائيندڙ هجي ته پڪ سمجهو اهو اسان جو ئي سماج آهي جيڪو هاڻي ڪوس گهر جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي.

ڪوس گهر ۾ هر ساهوارو (مينهون، ڳئون، ٻڪريون) پنهنجي واري جو انتظار ڪندڙ هوندو آهي ته شايد ايندڙ نالو ان جو هجي. هن وقت ڪوس گهر جي قطار ۾ هزاره برادريءَ جا ماڻهو سڀ کان اڳ بيٺل آهن. هونئن ته بلوچ سنڌي، پٺاڻ سڀ پنهنجي پنهنجي واري جي انتظار ۾ آهن پر پُکو هن برادريءَ جو پيل آهي.

يارنهن شهيدن کي مائرون، ڀينرون، ونيون، ڌيئرون، پٽ ۽ مٽ مائٽ به آهن جيڪي يارنهن شهيد اڳيان رکيو رت ڄمائيندڙ ٿڌ ۾ احتجاج پيا ڪن. سوال ته هو ڪيترا ئي پڇن پيا پر وڏو سوال اهو پيا پڇن ته ”اسان کي ڏوهه ٻڌايو جنهن تحت اسان کان اسان جا ٻچڙا کسيو ٿا. اهي مٿي تي قرآن کڻي اهي سوال پيا پڇن جن جو جواب هن ملڪ جي نالي ماتر سڏرائيندڙ حڪمرانن وٽ آهي ئي ڪونه. شهيد هڪ دفعو وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليا پر انهن جا پونيئر روزانو/هڪ هڪ پل مرندا رهندا. يارنهن شهيدن مان هڪ شهيد کي ڇهه ڀينر آهن. انهن جي گهر ۾ ڪو به مرد ڪونهي بچو. انهن ڀينرن چيو آهي ته اسان پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ ڪلهو ڏينديونسين. شايد اهو دنيا جو اڪيلو ڀاء هجي جنهن کي ڀينرن جو ڪلهو نصيب ٿيندڙ هجي.

احتجاج ڪندڙن وٽ ڪجهه وزيرڙا پهتا جن کي اهو چئي واپس ڪيو ويو ته اوهان جي هٿ وس ته ڪجهه ڪونهي اوهان ڇو آيا آهيو. اتي تازو پنهنجي نئين عهدي تي براجمان ٿيل وزير داخله به پهتو. هو چون پيا ته اسان وٽ وزيراعظم صاحب جن اچن پر وزيراعظم صاحب جيڪو اڳي چوندو هو ته پنج ماڻهو به ان جي خلاف احتجاج ڪندا ته هو پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندو فرمائي پيو ته اوهان ٻچڙا دفنايو پوءِ …………. پوءِ ڇا ٿيندو، پوءِ ڏٺو ويندو. هر دفعي وانگر.

جيئن ته اهڙا ڪيس ملڪ جو هر ماڻهو عمومي طور تي ۽ هيءَ برادري خصوصي طور تي ڏسي چڪي آهي يعني حادثو ٿيو، بيان آيا، مذمتون ٿيون، جي آءِ ٽي ٺهيون نتيجو ٻڙي. ملڪ جي پهرئين غير منتخب وزيراعظم جي قتل جا نشان اڃان تائين ڪونه مليا. ملڪ جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم کي عدالتي حڪم تي قتل ڪيو ويو ان جي ڌيءَ ٻه دفعا وزيراعظم ٿي اهو ڪيس ٻيهر هلرائي تاريخ جي درستگي به ڪونه ڪئي ويئي جنهن لاءِ ملڪ جو هڪ سابق چيف جسٽس اقرار ڪري چڪو آهي ته ڪيس ۾ ”اهڙي فتوى“ لاءِ مٿان کان دٻاءَ هو. ملڪ جي پهرئين عورت وزيراعظم گوليءَ جو بَک بڻائي ويئي پر اڄ تائين ثابت ڪونه ٿيو ته اها گولي ڪٿان هلي. پري نه ٿا وڃون خود هزاره برادريءَ جا ڪيترا انسان ڪيترا دفعا ائين ئي شهيد ڪيا ويا آهن اڄ تائين انهن جا قاتل پڪڙيا ويا آهن توڙي جو ملڪ جا سڀ عهدا رکندڙ (جن ۾ آرمي چيف به شامل آهي، وزير اعظم به شامل آهن) انهن کي يقين ڏياريندا رهيا آهن ته انهن سان انصاف ٿيندو پر ٿيو ڪجهه به ڪونهي. اهو ئي سبب آهي جو وارث مطالبو پيا ڪن ته هن ڀيري وزيراعظم صاحب شهيد دفنائڻ کان اڳ پهچي ۽ پنهنجي اکين سان ڏسي ته سندن پيارا ڪهڙي بيرحميءَ سان ماريا ويا آهن. جنهن کي اهڙو ذميوار عهدو رکندڙ بليڪ ميلنگ پيو ڪوٺي ڇا دنيا ۾ اهڙي موقعي تي اهڙو بيان ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ به جاري ڪيو ويو آهي، اهو سوال هي ڪالم پڙهندڙ پنهنجو پاڻ کان ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.