ڪراچي ( م ڊ ) انساني حقن بابت ڪميشن وزيراعظم عمران خان جي هزاره برادري جي ڌرڻي بابت بليڪ ميل ٿيڻ واري بيان تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته متاثرن جو تحفظ ۽ سندن مطالبا مڃڻ وزيراعظم جي فرضن ۾ شامل آهي.سوشل ميڊيا تي بيان ۾ انساني حقن واري ڪميشن جو چوڻ هو ته هزاره برادري ڊگهي عرصي کانپوءِ زيادتين ۽ نسل ڪشي جي شڪار آهي، هزاره برادري جي سوڳوارن بليڪ ميلر چوڻ سندن توهين آهي. ڪميشن چيو ته هزاره برادري جو تحفظ وزيراعظم جي فرضن ۾ شامل آهي، رياست پاڪستان هزاره برادري جي زندگين ۽ سندن آزادي جو تحفظ ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي.