قطر اسپتال ۾ 58 ڊاڪٽر موجود آهن، بهترين علاج ڪيو پيو وڃي: قاسم سومرو

ڪراچي: صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو چيو آهي ته اڄ به قطر اسپتال ۾ 58 ڊاڪٽرز موجود آهن ۽ اتي بهترين طريقي سان مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، صحت کاتي ۾ جڏهن به ڀرتي ٿيندي لاڳاپيل علائقي جي ماڻهن کي به کنيو ويندو. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبر عديل شهزاد جي هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي ڪيو. عديل شهزاد جو چوڻ هو ته قطر اسپتال ۾ اولڊ بلڊنگ جي سامهون نئين بلڊنگ تعمير ڪئي وئي آهي، پر گذريل 13 سالن کان ڀرتيون نه ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اهو لکين زندگين جو مسئلو آهي سنڌ حڪومت جو صحت کاتو ان طرف ڌيان ڇو نه ڏئي رهيو آهي. پي ٽي آءِ ميمبر شهريار شر پنهنجي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته گهوٽڪي ۾ 800 اسڪول زبون حال آهن، سنڌ ۾ استاد احتجاج ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٽيسٽ پاس استادن کي ملازمن ڏني وڃي. تعليم واري وزير سعيد غني ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي چيو ته اسان 9000 کان وڌيڪ اسڪولن جي هڪ اسڪيم رکي آهي، گهوٽڪي ۾ 101 جوڙي رهيا آهيون، سنڌ ۾ اسڪولن ۾ فرنيچر جو مسئلو موجود آهي. هن چيو ته ڪرونا سبب اسان جا ڪيترائي ڪم نه ٿي سگهيا. پي ٽي ميمبر بلال عبدالغفار ناڻي کاتي ۾ اربين رپين جي بي ضابطگين تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو سندس چوڻ هو ته 171 بئنڪ اڪائونٽس ذريعي پينشن ۽ پگهارن جي مد ۾ رقم ۾ ڪرپشن ڪئي وئي. سنڌ جي هڪ سياسي شخصيت کي وڏي پئماني تي ڪرپشن جو پئسو منتقل ڪيو ويو، ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار آفيسرن کي سزائون ٿي چڪيون آهن، تحقيقات کان پوءِ خرد برد جي رقم نيب ذريعي ريڪور ڪئي وئي آهي. بعد اسپيڪر اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

ڪراچي جي عدالت ۾قتل ڪيس مان 3 جوابدار بري

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي اوڀر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ قتل ،ارادي قتل ۽ هٿيار جي ڪيس مان   ٽن جوابدارن احسان الاهي، وحيد گل ۽ عبدالوليد کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جوابدارن کي 20آگسٽ 2018ع تي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو هو .

سنڌپوليس ترميمي ايڪٽ 2019ع سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾چئلينج

ڪراچي (رپورٽر)سنڌپوليس ترميمي ايڪٽ 2019ع کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنچ ڪيو ويو آهي، درخواستگذار پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته  سنڌ پوليس  ۾ سياسي مداخلت ختم ڪئي وڃي ۽ آءِ جي سنڌ کي بااختيار بڻايو وڃي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته بدامني ڪيس ۾ پوليس کي سياست کان پاڪ ڪرڻ جو هڪ تاريخي فيصلو ڏنو ويو .ترميمي ايڪٽ 2019ع ۾ وڌيڪ خاميون آهن،

بلوچستان جي سينيٽر مسرت شاهين حلف کڻي ورتو

اسلام آباد ( م ڊ )  بلوچستان عوامي پارٽي سان تعلق رکندڙ سينيٽ ۾ نئين چونڊيل ميمبر مسرت شاهين سينيٽر جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو آهي. هو سينيٽر ڪلثوم پروين جي جاءِ تي چونڊجي آهي، جيڪا 21 ڊسمبر تي ڪووڊ – 19 جي ڪري لاڏاڻو ڪري وئي هئي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي نئين چونڊيل سينيٽر کان حلف ورتو، ان کانپوءِ نئين چونڊيل سينٽر رول آف ميمبرز تي صحيح ڪئي.

برطانيا ۾ ڪورونا جي خلاف هڪ ٻي ويڪسين جي استعمال جي اجازت

لنڊن( م ڊ ) برطانيا ۾ ڪورونا جي خلاف هڪ ٻي ويڪسين جي استعمال جي اجازت ملي وئي.ميڊيا رپورٽن موجب برطانوي  ريگوليٽرز موڊرنا ويڪسين کي به ڪورونا مريضن ۾ استعمال لاءِ محفوظ قرار ڏنو ويو آهي.آمريڪي ڪمپني جي تيار ڪيل موڊرنا ويڪسين کي ڪووڊ -19 جي خلاف حتمي ٽرائل ۾ 94 سيڪڙو موثر ڏٺو ويو، برطانيا موڊرنا ويڪسين جي 7 ملين خوراڪن جو آرڊر ڏئي ڇڏيو آهي جيڪي مارچ تائين موجود هونديون.برطانيا ۾ ڪورونا جي خاتمي لاءِ منظور ڪيل ويڪسينز جو انگ 3 ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.