”هزاره برادري جو شرط بليڪ ميلنگ “ وزيراعظم سوڳوارن جي زخمن تي لوڻ هاري ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) وزير اعظم عمران خان چيو هي ته هزاره برادري اڄ لاش دفنائي، آئون گارنٽي ڏيان ٿو ته اڄ ئي ڪوئيٽا پهچندس. اسلام آباد ۾ اسپيشل اڪنامڪ زونز جي لانچنگ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان جي ملڪ ۾ هزاره برادري تي سڀ کان وڌيڪ ظلم ٿيو، جيترو ظلم هن تي ٿيو پاڪستان ۾ڪنهن تي نه ٿيو، مچ ۾ هزاره ڪميونٽي  جي 11 ڄڻن کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو، اسان جي هزاره براري جي ماڻهو وڏي ڏکيائي ۾ آهن. وزير اعظم جو چوڻ هو ته مچ واقعو ان سازش جو حصو آهي جيڪا مون اڳ ٻڌائي هئي، ڀارت پاڪستان ۾ فرقيواراڻو ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهي ٿو، ڪراچي ۾ عالمن جو قتل به ان سازش جو حصو آهي، ڳجهن ايجنسين چار وڏا واقعا روڪيا، ڪابينا ۾ ٻڌايو هو ته عالمن کي قتل ڪري ڏڦيڙپکيڙيو ويندو، ڏاڍي ڏکيائي سان اسان اِها باهه وسائي. هن چيو ته مچ ۾ جڏهن واقعو ٿيو ته گهرو وزير سميت پنهنجي ٻن وزيرن کي اُتي موڪليو، سڄي قوم ۽ حڪومت هزاره برادري سان گڏ آهي، آئون خاطري ڪرايان ٿو ته اسان هنن جو ڌيان رکنداسين، اسان هنن جي سمورن مطالبن کي قبوليو آهي، پر هزاره برادري جو مطالبو آهي ته وزير اعظم اچي ته لاش دفنائينداسين، دنيا ۾ ڪٿي به اهڙي طرح وزير اعظم کي بليڪ ميل ناهي ڪيو ويندو، هزاره برادري اڄ لاش دفنائيندي ته آئون گارنٽي ٿو ڏيان اڄ ئي ايندس. وزيراعظم کي ائين بليڪ ميل نه ٿو ڪري سگهجي، هڪ ته ڦورن جوٽولو آهي جيڪو چوي ٿو ته اسان جا ڪرپشن ڪيس ختم ڪيو نه ته حڪومت ڪيرائي ڇڏيندس، هو اڍائي سالن کان بليڪ ميل ڪري رهيا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.