سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 9 فوت، 1005 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي  ( رپورٽر ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 9 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته فوتين جو انگ 3679 تائين وڌي ويو آهي  ۽ 12904 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1005 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 وڌيڪ مريض پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌندي 3679 تائين پهچي ويو آهي جيڪي فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهن. ڪيسن مان 733 ڪراچي جا آهن،حيدرآباد 51 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.