اسلام آباد ( م ڊ ) بي اين پي مينگل جي سربراهه اختر مينگل وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هزاره برادري جون قومي اسيمبلي ۾ 5 سيٽون هجن ها ته وزيراعظم ساڳي ڏينهن پهچي ها.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ۾ اختر مينگل وزيراعظم تي سخت تنقيد ڪئي آهي. اختر مينگل هن وقت پي ٽي آءِ جو اتحادي آهي پر کائنن ناراض آهي.