ملير واسين ايڪسپريس وي رٿا رد ڪري ڇڏي، پيادل مارچ

ملير (رپورٽ : جميل چانڊيو) انڊيجينيس رائٽس الائنس جي سڏ تي ملير ايڪسپريس ي منصوبي خلاف سوين ماڻهن مارچ ڪري احتجاج ڪيو.انڊيجينيس رائٽس الائنس جي سڏ تي ملير ايڪسپريس وي منصوبي خلاف ملير جي ڳوٺ شفيع سمون،  ڳوٺ مگسي، ڳوٺ لاسي،  ڳوٺ ميمڻ جي رهواسين سميت ملير جي سوين ڳوٺاڻن، آبادگارن، سياسي سماجي اڳواڻن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي  يوسف مستي خان، گل حسن ڪلمتي، خدا ڏنو شاهه، عبدالخالق جوڻيجو، يعقوب خاصخيلي، حنيف دلمراد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ٿاڻو پاڪستان هوٽل کان ڄام ڳوٺ ملير تائين احتجاجي پيادل مارچ ڪري ايڪسپريس وي منصوبي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ريلي ۾ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملير ۾ ترقي جي نالي تي تباهي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، ملير ۾ جيڪي به منصوبا آندا ويا آهن، اهي تباهي جو سبب بڻيا آهن، جن ۾ بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ٻيٽن تي شهر اڏڻ ۽ ايڪسپريس وي جهڙا منصوبا شامل آهن، هنن چيو ته اهڙن منصوبن جي آڙ ۾ قديم ڳوٺن، زرعي زمينن، کوهن، درگاهن ۽ چراگاهن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، هنن چيو ته سنڌ حڪومت ايڪسپريس وي منصوبو ٺاهڻ وقت ملير جي عوام کي اعتماد ۾ نه ورتو ۽ نه ئي چونڊيل نمائندن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي ته چونڊيل نمائندن جا اعتراض اٿارڻ بعد انتظاميا ماڻهن جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ چونڊيل نمائندن کي ساڻ وٺي روٽ تبديل ڪرڻ جا بهانا ڪري رهي آهي، هنن چيو ته ترقي اتي رهندڙ ماڻهن لاءِ هوندي آهي، هي ڪهڙي ترقي آهي جنهن جو نشانو صدين کان آباد مقامي ماڻهو بڻجن، اهڙي طرح جي ناانصافي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، هنن سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته ملير ايڪسپريس وي جو روٽ تبديل ڪيو وڃي ۽ مقامي ڳوٺن کي متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، ان موقعي تي رخمان گل پالاري، طارق عزيز بلوچ، اسلم بلوچ، ياسمين چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.