ڪرڪ مندر واقعو: اهم جوابدار مولانا فيض الله گرفتار

پشاور(ويب ڊيسڪ) انسپڪٽر جنرل (آءِ جي) خيبرپختونخواهه پوليس ثناءُ الله عباسي چيو آهي ته ڪرڪ ۾ مندر ڊاهڻ ۾ ملوث اهم جوابدار مولانا فيض الله کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته اقليتن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو.

انسپڪٽر جنرل خيبرپختونخواهه پوليس ثناءُ الله عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪرڪ ۾ مندر ڊاهڻ ۾ ملوث اهم جوابدار مولانا فيض الله کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته جوابدار مندر ڊاهڻ لاءِ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۾ ملوث هو.

ثناءُ الله عباسي ٻڌايو ته مندر ڊاهڻ ۾ ملوث 110 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.