”سمورا مطالبا قبولڻ باوجود شهيدن جي لاشن تي ڪير پيو سياست ڪري“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته سمورا مطالبا منظور ٿيڻ جي باوجود اُهي ڪير آهي جيڪو لاشن تي سياست پيو ڪرائي.

وفاقي وزير علي زيدي ۽ وزير اعظم عمران خان جو خاص مددگار زلفي بخاري ڪجهه ڏينهن اڳ ڪوئيٽا پهتا هئا جتي هنن مچ سانحي ۾ فوت ٿيلن جي تدفين لاءِ سندن وارثن سان ڳالهيون ڪيون هيون.

علي زيدي مچ سانحي جي متاثرن لاءِ تيار معاهدو ٽوئيٽر تي جاري ڪري ڇڏيو.

وفاقي وزير سوشل ميڊيا تي معاهدي جي تصوير جاري ڪندي لکيو چيو ته هي آهن مطالبا ۽ هي آهي معاهدو جيڪي 2 ڏينهن کان تيار آهن.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته انساني سر جي ڪا به قيمت ناهي پر معاوضي جي رقم گهڻي وڌائي وئي آهي، سمورا مطالبا مڃڻ جي باوجود به اُهي ڪير آهن جيڪي شهيدن جي لاشن تي سياست پيا ڪن؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.