نوابشاهه: سجاڳ سنڌي اتحاد پاران سنڌ ۾ تعليم جي ٻٽي معيار خلاف مظاهرو

سجاڳ سنڌي اتحاد پاران سنڌ ۾ تعليم جي ٻٽي معيار خلاف نوجوان راڳي ڪامران چانڊيو، وحيد کوسو، اذان پيرزادو، عباس چانڊيو، اصغر کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن  چيو ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار ختم ٿي چڪو آھي جڏھن ته ھن وقت سنڌ ۾ تعليم جو ٻٽو معيار ھلي ٿو، سرڪاري اسڪول ۾ سھولتن جي کوٽ سبب والدين پنھنجا ٻار مھانگي فيسن تي خانگي اسڪولن ۾ داخل ڪرائن ٿا، ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو نظام بھتر ڪيو وڃي ته جيئن غريبن جا ٻار به تعليم حاصل ڪري سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.