شهر مچ واري واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ به مظاهرن ۽ ڌرڻن جو سلسلو جاري

بلوچستان جي شهر مچ واري واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ به مظاهرن ۽ ڌرڻن جو سلسلو جاري رهيو ، نوابشاھ ۾ مرڪزي مُرتضوي امام بارگاھ موھڻي بازار کان نوابشاھ پريس ڪلب تائين احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو،  جلوس جي اڳواڻي زوار محمد حسين چانڊيو، ضلعي صدر مولانا ڪفايت حسين ڪريمي، سيد غلام علي شاھ، سيد فياض حسين شاھ، مولانا محمد عالم مري ۽ ٻين ڪئي ، مدرسه خديجه الڪبريٰ بلوچ ڪالوني لائين پار جي علمائن ۽ شاگردن پاران غفرانه مھدوي، غزينه مھدوي، روزما مھدوي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، سانگهڙ ضلعي جي 6 ئي تعلق جي ننڍن وڏن شھرن ۾ احتجاجي ڌرڻا جاري رهيا ،  جھول ۾ ضلعي سانگهڙ جي اهم روڊ سانگهڙ وايا حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو  هنيو ويو، ڀرياسٽي ۾ اصغريا اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن  ۽ مختلف شيعا تنظيمن پاران امام بارگاهه  در بتول کان شڪيل احمد ميمڻ مولانا خادم حسين مشوري ۔ سيد زاهد حسيين ۔ ابراهيم ميمڻ ۔ ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ، ميهڙ ۾ مرڪز ولايت علي عليه السلام جي اڳواڻن سيد ثابت علي شاھ سيد زين العابدين شاهه ، سيد شفقت عباس ڪاظمي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، سوئي گئس ۾ شيعا علما ڪائونسل ۽ متحده وحدت المسلمين جي سڏ تي مولانا اسد علي شر , مولانا گدا حسين حاجاڻو , مولانا ذوالفقار شر , نسيم احمد ويسر, ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مک چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو  هنيو ويو ، راڄوخاناڻي شهر ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل، انجمن ابوطالب،  مجلس وحدت المسلمين جي سڏ تي مسجد علي کان سوين شيعا تنظيمن جي بزرگن نوجوانن ۽اڳواڻن محمد حسن جعفري،  انور حسين انصاري جمن شيدي ، مولوي علي حسن ڇلگري جي سربراهي۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ، داد لغاري ۾ شيعا علماء ڪائونسل طرفان امام بارگاھ کان اعجاز پتافي ذاڪر پتافي باقر پتافي ۽ حاڪم پتافي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو  ويو ، سڳيون ۾ شيعا علماءڪائونسل ، جعفريا اسٽوڊنٽس آرگنائزیشن ۽ ٻين  تنظيمن پاران جامع مسجد قائم آل محمد کان پريس ڪلب تائين مولانا رحيم بخش روحاني، عمران رضا جمالي، آغا حسين جمالي، ضمير حسين ملاح، سيد نسيم عباس شاه، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي، ٽنڊو جان محمد ۾ مولانا غلام رضا رند،مير ضامن ٽالپر،ظھير شاھ،سجاد دايو ۽ قمبر قمبراڻي  جي اڳواڻي ۾ مظآهرو ڪيو ويو ، جهڏو ۾ شعيا علماء ڪائونسل طرفان مرچ منڊي وٽ ٻئي ڏينهن به مين مٺي_ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري مولانا ضمير عباس، ميرل حسيني، سيد ذوالفقار شاهه، گل کوسو، علي احمد رند، آغا غلام رسول دراني،۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ، قمبر ۾  پ پ شھيد ڀٽو طرفان ڪامريڊ شوڪت چانڊيو ،عرفان گوپانگ، صفدر علي گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو ۽ مچ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي  حڪومت کان مطالبو ڪيو  ته بنا دير قاتلن کي گرفتار ڪري مقتولن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.