حيدرآباد ۾ چوڙين جا 17 ڪارخانا بند، پورهيت بيروزگار، احتجاج

حيدرآباد(رپورٽ؛ اعجاز چانڊيو) پاڪستان ۾ چوڙين جي حوالي سان مڃتا ماڻيندڙ شهر حيدرآباد ۾ چوڙين جا 17 ڪارخانه بند ٿي ويا. هزارن جي تعداد ۾ پورهتين جي گهرن جا چلها وسامجي ويا ۽ ڪيتريون ئي غريب  ڪم ڪندڙ مسڪين عورتون بيروزگار ٿي ويون. ان حوالي سان حيدرآباد گلاس بينگل مزدور اتحاد يونين پاران شهر ۾ چوڙين جون فيڪٽريون بند ڪرڻ خلاف ڪالهه حاجي سراج گدي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مزدورن دانهيدي چيو ته کين 1 جنوري کان کين بنا ٻڌائڻ جي نوڪرين مان ڪڍي فيڪٽريون بند ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته ان سبب هزارين مزدور مرد توڙي عورتون بيروزگار ٿي ويا آهن ۽ سندن گهرن جي چلهه به وسامجي وئي آهي، جڏهن ته چوڙين جي وڏي صنعت رکندڙ شهر حيدرآباد ۾ 17 فيڪٽريون مزدورن کي بنا ٻڌائڻ جي بند ڪري مزدورن جو معاشي قتل ڪيو ويو آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته جلد فيڪٽريون کولرائي نوڪرين تي بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.