اوٻاوڙي لڳ هٿياربندن جي گهر ۾ ڪاهه، 4 مينهون ڦر، فائرنگ، ڳوٺاڻو مرڻينگ

اوٻاوڙو (ن ع آ) اوٻاوڙي لڳ پنجاب ماڇڪو ٿاڻي جي حد ڳوٺ موضع ڀارو ۾ 8 نامعلوم هٿياربند چورن جي ڳوٺاڻي غلام قادر ڀارو جي گهر مٿان ڪاھ ڪري هٿيارن جي زور تي گهر ڌڻين کي يرغمال بڻائي چار ميهنيون  ڪاهي فرار ٿي ويا ته  گهر ڌڻين جي رڙين تي پاڙي وارا  ٻيا علائقي جا ڳوٺاڻا به رڙيين تي  پهچي ويا جنهن بعد  ڳوٺاڻن چورن جو پيرو کڻي نڪتا ته کنڀڙا ٿاڻي حد ۾  پهتا ته ھٿيار بندن ڳوٺاڻن تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڳوٺاڻو غلام حيدر عرف ھوشو ڀارو ڳوليون سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ رحيم يار خان اسپتال ڏانهن ريفر ڪيو ويو آهي ۽ ڳوٺاڻن جي مزاحمت ڪرڻ تي چور مال چڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنهن بعد ڳوٺاڻا چورن جو پيرو کڻي پويان ويل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.