گهوٽڪي اسپتال ۾ اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، عملي ۾ ٿرٿلو، رڪارڊ ضبط

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي تعلقي اسپتال ۾ فرسٽ سول جج ۽ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم جو اوچتو ڇاپو، ٽيم جي پهچڻ شرط سول اسپتال جي عملي ۾ ٿرٿلو ، ڪيترو ئي عملو فرار ٿي ويو، ميرپور ماٿيلو جي فرسٽ سول جج محمد سجاد شيخ ۽ اينٽي ڪرپشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالحق قريشي جي اڳواڻي ۾ ڇاپو لڳايو ويو ، ٽيم گهوٽڪي تعلقه اسپتال جي اسٽور ۽ ڪلارڪ آفيس ۾ رڪارڊ پڻ چيڪ ڪري ، ڪجھ رڪاڊ ساڻ ڪري ويا ، ياد رهي ته ڪجھ هفتا پهرين دوائن جي وڪري بعد گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلو ۾ پڻ اهڙيون ڪارروايون ڪيون ويون هيون جڏهن ته ميڊيا کي ڇاپي دوران ڪوريج کان پڻ روڪيو ويو.

هنڱورجن ۾ حددخلين خلاف ٻئي ڏينهن به آپريشن

ھنڱورجا ( ن ع آ ) ھنڱورجا ۾ روينيو عملدارن ۽ اينٽي انڪروجمينٽ ڊپارٽمينٽ پاران حددخلين خلاف ٻئي ڏينهن به آپريشن ڪيو ويو، مختلف محلن ۾ گھٽين اندر ٺاھيل چوديوارين ۽ دڪن کي مشينري سان ڊاٿو ويو حددخلين ڊاھڻ دوران پوليس جي پڻ وڏي نفري موجود ھئي، شھرين پاران من پسند ماڻھن کي پڻ رعايتون ڏنيون ويون آهن،

ڪي اين شاهه ۾ موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر، مزاحمت، احتجاج

خيرپورناٿن شاهه ( رپورٽ : سيد اطهر بخاري  ) خيرپورناٿن شاهه ۾ ليٿ مشين جو مشھور ڪاريگر محمد خان ڇڄڙو خيرپورناٿن شاهه کان ڳوٺ وڃي رهيو هيو ته ٿلهو لنڪ  روڊ تي ڳوٺ دوست محمد ڀرڳڙي سامهون نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي کيس روڪي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن سان مزاحمت ڪئي،  هٿياربندن هٿيارن جا بٽ هڻي کيس زخمي ڪري موٽر سائيڪل هزارين روپيا روڪ موبائيل فون سيٽ ڦر ڪري فرار ٿي ويا، هوڏانهن واپاري اتحاد جي صدر اعجاز سومرو عبدالخالق ڇڄڙو خليل احمد ڇڄڙو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته خيرپورناٿن شاه شھر توڙي ٻھراڙين ۾ بدامني چوٽ چڙھي وئي آھي روڊ رستا غير محفوظ بڻجي ويا ڏوهارين حوالي پوليس گشت ڪرڻ بجاء اگهور ننڊ ستل آھي.  پوليس امن امان ڪرائيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي واپاري شھري غير محفوظ بڻيل آھن امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي ته جلد احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.