دائو جهانپور ويجهو نوجوان کان موٽرسائيڪل ڦر

دائوجهانپور (نع آ) دائوجهانپور ويجھو محمدپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ بشام ڪٽوهر لاڙي وٽ نامعلوم هٿياربند نوجوان راحب لاشاري کان سي ڊي 18 ماڊل موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. بد امني سبب  علائقي واسي پريشان ، علائقي ۾ امن و امان بحال ڪرائڻ جو مطالبو

دريا خان مري ۾ چور ڪميونيڪيشن جي دڪان کي ٻهاري فرار

دريا خان مري (ن ع آ) دريا خان مري مين بازار مان نامعلوم چور عدنان ڪميونيڪيشن دڪان جي ڇت ٽوڙي دڪان م پيل موبائل فون سميت دڪان م پيل قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا اطلاع تي دريا خان مري پوليس ۽ سوين دڪاندار توڙي شھري گڏ ٿي ويا ان حوالي سان دڪاندار عدنان راجپوت ٻڌايو ته جيئن ئي دڪان کوليو ته دڪان جي ڇت ٽٽل ھئي ۽ دڪان م پيل ھزارين روپين جون موبائل فون سيٽ ۽ قيمتي سامان چوري ٿيل ھيو فوري طور تي دڪان مان سامان چوري ٿيڻ جو پوليس کي اطلاع ڏنو جڏھن ته دڪاندار پاران کوجي ڪتن ذريعي چورن جا پيرا کنيا ويا جيڪي کوجي ڪتا دڪان ڀرسان ھڪ گھر ٻاھران ويھي رھيا آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي.

ڀينس ڪالوني ۾ هٿياربندن جو حملو، نوجوان مرڻينگ

ملير (رپورٽر) ملير جي ڀينس ڪالوني ڀرسان ڄام ڪنڊي (الله والا چوڪ) وٽ اڻڄاتل هٿياربندن گهر ۾ گهڙي صحافي فرمان سنديلي جي سئوٽ نوجوان انور سنديلي  تي حملو ڪري کيس رتورت ڪري ڇڏيو، انور سنديلو گهر ۾ سُتل هو ته هٿياربندن کيس پسٽل جا بٽ هڻي سخت زخمي ڪري وڌو، نوجوان جي دانهن تي پاڙي وارا جاڳي پيا، جنهن کانپوءِ هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هوڏانهن انور علي کي زخمي حالت ۾ شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي تي نيو ويو، جتان پوليس جو ليٽر ملڻ بعد کيس جناح اسپتال نيو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي انور علي جو چوڻ هو ته مان رات جي وقت ننڊ پيل هئس ته ٽن هٿياربندن حملو ڪري ڏنو، جنهن دوران هٿياربندن پسٽل جا بٽ هڻي مون کي رتو رت ڪري ڇڏيو، حملو ڪندڙ جوابدار منهنجي موبائيل فون به کڻي ويا آهن.نوجوان چيو ته منهنجي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪري مون کي انصاف ڏياريو وڃي. ٻئي پاسي ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري واقعي بابت تفصيل ورتا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.