جوهي لڳ ٻارڙو راند ڪندي کڏ ۾ ٻڏي فوت

جوهي ( ن ع آ )  جوهي ڀرسان ڳوٺ گل حسن لغاري ۾ 3 ورهين جو ضامن پٽ ارشاد لغاري پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي,  ٻارڙو ڳوٺ ٻاهران کڏ ڀرسان ڳوٺ جي ٻارڙن سان کيڏي رهيو هيو ته اوچتو پير ترڪڻ سبب کڏ ۾ ڪري پيو ٻين ٻارڙن جي رڙين تي ڳوٺاڻن کيس بيهوشي واري حالت ۾ کڏ مان ٻاهر ڪڍيو ۽ کيس تعلقه اسپتال جوهي کڻائي آيا جتي ڊاڪٽر سندس فوتگي جي تصديق ڪئي, جنهن بعد فوتي ٻارڙي جو لاش ڳوٺ پهچايو ويو, جتي سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.